نوشھروفيروز ۾ ڊي سي محمد ارسلان سليم جي سمورن کاتن جي سربراھن سان تعارفي اجلاس

سمورن کاتن جا سربراھھ ۽ آفيسر ضلعي جي بهتري ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪن: محمد ارسلان سليم

نوشھروفيروز ۾ ڊي سي محمد ارسلان سليم جي سمورن کاتن جي سربراھن سان تعارفي اجلاس

نوشهروفيروز (ڊ ر ) ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم ضلعي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو ضلعي جي بهتري ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪن هو اڄ ضلعي جي سمورن کاتن جي سربراهن سان تعارفي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. هن آفيسرن کي چيو ته هو پنهنجو ڪم محنت ۽ ايمانداري سان ڪن، هن ضلعي هيلٿ آفيسر کي هدايت ڪئي ته ضلعي ۾ صحت جي سهولتن کي بهتر بڻايو وڃي، جڏهن ته ايڪسين پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ٽائون آفيسر نوشهروفيروز کي شهر ۾ صفائي سٿرائي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته ايڪسين ايريگيشن کي چيوتہ واهن جي ٽيل تائين نھري پاڻي پهچايو وڃي، ان موقعي تي ايس ايس پي نوشهروفيروز عابد بلوچ چيو ته انشاءَ الله ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي ويندي.