ضلعي مان هر قسم جي منشيات توڙي سماجي برائي کي ختم ڪيو ويندو: عادل ميمڻ

ضلعي ۾ ڪارين رڍن کي برداشت نه ڪبو، شهري پوليس سان تعاون ڪن: ايس ايس پي ميرپورخاص

ضلعي مان هر قسم جي منشيات توڙي سماجي برائي کي ختم ڪيو ويندو: عادل ميمڻ

ميرپورخاص( بيورو رپورٽ ) ميرپورخاص ضلعي ۾ نئون آيل ايس ايس پي عادل ميمڻ چيو آهي ته ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪارين رڍن کي برداشت نه ڪبو، هر قسم جي منشيات توڙي سماجي برائي کي ختم ڪيو ويندو شهري پوليس سان تعاون ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن پهجي آفيس ۾ ايوان صحافت ميرپورخاص ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته ضلعي ۾ منشيات جي برائي کي ختم ڪرڻ لاء سخت اپاء وٺي رهيا آهيون علائقي جي پوليس آفيسرن سان منشيات جي لانت کي ختم ڪرڻ ۽ ڏوهن تي ضابطو آڻڻ لا۽ ميٽينگون هلي رهيون آهن جنهن بي پوليس آفيسر جي علائقي ۾ ڪنهن به قسم جو ڏوهه ٿيو ان پوليس آفيسر خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي ڪوشش رهي آهي ته جنهن به علائقي ۾رهان امن امان جي صورت حال بهتر رهي.ايس ايس پي عادل ميمڻ صحافين سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته صحافي دوست پهنجي قلم ذريعي ڏوهارين جي نشاندهي ڪن ته جئين انهن خلاف ڪاروائي ٿي سگھي هن وڌيڪ شهرين تي زور ڀريو ته هو پهنجي علائقن جي مسئلن لاء اسان سان رابطي ۾ اچن اسان جي آفيس جا هر ماڻهون لاء دروازا کليل آهن هن چيو ته پوليس اندر ڪارين رڍن کي برداشت نه ڪبو هن پوليس آفيسرن تي زور ڀريو ته هو پهنجن علائقن ۾ گشت ڪن ۽ ڏوهارين خلاف ڪاروائيون جاري رکن.ان موقعي تي اڳوڻي صدر پريس ڪلب راشد سليم ـ ايوان صحافت جو باني هاشم شر ۔صدر فضل شر سينئر صحافي فلڪ شير راجا راشد ـ عبيدڪوري ـ نادر خان ـ رضا رند ۔ اظھر چڊڙ ـ نثار ماني محبوب عالم ـ سجاد رند ـ وسيم خانزادا ـاويس ملڪ عمران راجپوت ـ جيرام ـ نريش ياسر ۽ ٻيا موجود هئا۔