شڪارپور ۾ شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ريلي

پوليس شھيد جان محمد مھر جي قتل ۾ نامزد مک جوابدارن کي گرفتار نھ پئي ڪري: صحافي اڳواڻ

شڪارپور ۾ شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ريلي

شڪارپور( احسان ابڙو) شھيد جان محمد مھر جا قتل گرفتار ڪيو" شڪارپور ۾ سنڌ صحافي اتحاد جي سڏ تي شاندار ريلي,پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو,سخت نعريبازي,قاتل ۽ سھولتڪار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو,رپورٽ موجب:سنڌ صحافي اتحاد جي مرڪزي سڏ تي شڪارپور ۾ به شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاء سنڌ صحافي اتحاد جي اڳواڻ جاويد راھوجو ۽ سينيئر صحافي زاھد نون جي اڳواڻي ۾ جھاز چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو,جنهن دوران مظاھرين قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ پوليس غفلت خلاف سخت نعريبازي ڪري رھيا ھئا,ان موقعي تي ڳالھائيندي جاويد راھوجو,زاھد نون,آغا اسرار پٺاڻ, احسان جيهو ،وحيد بروھي,ذوالفقار مگسي,سارنگ ٻپڙ,عبدالوھاب ڪاغذي,اعجاز ڪاڪيپوٽو,ڪامريڊ اسد سومرو ۽ ٻين چيو ته شھيد جان محمد مھر ھڪ بھادر صحافي ھو جنهن جو سرعام قتل ڪري آزاد صحافت تي ھڪ وڏو وار ڪيو ويو آهي پر افسوس ته واقعي کي ھڪ مھينو گذرڻ باوجود به نااھل پوليس انتظاميا شھيد جي قاتلن ۽ سندن سھولتڪارن کي گرفتار ڪري ناهي سگهي جيڪو عمل انتھائي افسوسناڪ آهي,ھنن چيو ته ڪراچي ڌرڻي ۾ صوبائي گھرو وزير واعدو ڪيو ھو ته 14 ڏينهن اندر سمورا جوابدار گرفتار ڪبا پر افسوس ته ان جا واعدا ڪوڙا نڪتا تنهن ڪري اسين اڄ روڊن تي نڪتا آهيون ۽ مطالبو ٿا ڪيون ته بنا دير شھيد جان محمد جا قاتل ۽ سندس سھولتڪار گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت احتجاجي سلسلا وڌايا ويندا.