نوشھروفيروز ۾ سيپڪو جون مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون

سيپڪو عملي پاران ڪارروائين دوران 300 کان وڌيڪ غير قانوني ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا

نوشھروفيروز ۾ سيپڪو جون مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون

نوشهروفيروز (ڊ ر) سيپڪو سب ڊويزن نوشهروفيروز عملي پاران سيپڪو انجنيئر اعجاز احمد ڏيٿو ۽ ايس ڊي او نديم احمد جوکيو جي اڳواڻي ۾ ريشم گلي. هيٺائين چوڪ. امام بارگاهه باب حيدر. ميمن محلا. نجف سنڌ امام بارگاهه۔ مارڪيٽ چوڪ ۽ ٻين علائقن ۾ بجلي چورن ۽ بل ادا نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري 300 کان وڌيڪ غير قانوني ڪنيڪشن ڪٽي ڇڏيا۔ ان موقعي تي سيپڪو انجنيئر اعجاز ڏيٿو چيو ته نگران حڪومت جي حڪم تي نوشهروفيروز ضلعي ۾ بجلي چورن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي بجلي چوري ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. شهري بجلي چوري کان پاسو ڪن ۽ بجلي جا ميٽر لڳائي بجلي جي لوڊشيڊنگ کان نجات حاصل ڪن. بجلي چورن جي خاتمي تائين اسان جو آپريشن روزاني جي بنياد تي جاري رهندو. ان موقعي تي ڄام محسن. ٻڍل سولنگي. فاروق ڪلهوڙو. ٻڍل ملڪ ۽ ٻيا سيپڪو اهلڪار موجود هئا.