نوري آباد ويجھو تي حادثو، 2 ڄڻا ٿڏي تي فوت، ھڪ زخمي

حادثي جي نتيجي ۾ مزدا سوار اربان ۽ معشوق علي فوت ۽ مھتاب زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل

نوري آباد ويجھو تي حادثو، 2 ڄڻا ٿڏي تي فوت، ھڪ زخمي

ٺٽو (ڊ ر) نوري آباد ويجھو ٿاڻو بولا خان چوڪ تي حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ مزدا ٽرالر پويان ٽڪرائجي وئي حادثي جي نتيجي ۾ مزدا ۾ سوار 2 ڄڻا فوت، ھڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو، فوتين جي سڃاڻپ 24 ورھين جي ارباز ولد سيد حسين علي ۽ 23 ورھين جي معشوق نالي سان ٿي آھي، 1 زخميءَ جي سڃاڻپ مھتاب نالي سان ٿي ، فوتين جا مڙھ ضروري ڪارروائي لاءِ تعلقه اسپتال منتقل ڪيا ويا جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.