ٺٽو: چليا ويجهو خوفناڪ حادثو، 7 ڄڻا اجل جو شڪار، 7 زخمي

ٺٽو/ حيدراباد روڊ تي سوزوڪي ۽ ٽرڪ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو

ٺٽو: چليا ويجهو خوفناڪ حادثو، 7 ڄڻا اجل جو شڪار، 7 زخمي

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) چليا ويجھو چليا ٽول پلازہ وٽ ٺٽو/ حيدراباد روڊ تي سوزوڪي ۽ ٽرڪ ۾ خوفناڪ ٽڪر 7 ڄڻا فوت، 7 ڄڻا زخمي، تفصيل موجب چليا لڳ چليا ٽول پلازہ وٽ ٺٽو/ حيدراباد روڊ تي سوزوڪي ۽ ٽرڪ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مقبول ولد انور ملاح، علو ولد سومار ملاح، رسولي ولد اوڀايو ملاح، علي شير ولد اوڀايو ملاح ۽ مولابخش ولد امام بخش ملاح موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏھن تہ زخمي 2 ڄڻا مبارڪ شورو ۽ ھايون بنگالي ڪراچي اسپتال ۾ زخمن جا تاب نہ سھندي فوت ٿي ويا، جڏھن تہ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا اھن، زخمين ۾ رفيق ملاح، غلام حيدر ملاح، عبدالحميد ملاح، پيربخش ملاح، گلشير ملاح، عبدالواحد ملاح ۽ بيا شامل آھن، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو، جتان 5 فوتين جا لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪرڻ سميت ڪراچي ۾ فوت ٿي ويلن 2 ڄڻن جا لاش پڻ چليا سندن گھرن تي پھچڻ تي گھرن ۾ ڪھرام مچي ويو، ھوڏانھن ڪجھ زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري کين وڌيڪ علاج لاء ڪراچي موڪليو ويو اھي، جڏھن تہ حادثي ۾ سوزوڪي مڪمل تباھ ٿي ويئي، جڏھن تہ ٽرڪ ڊرائيور ٽرڪ کي ڇڏي فرار ٿي ويو، زخمي ۽ فوتي چليا لڳ ڳوٺ رمضان ملاح جا رھواسي ٻڌايا پيا وڃن، جيڪي مبارڪ شورو سان گڏ سوزوڪي ۾ روزگار لاء مڇي جي تلاء تي وڃي رھيا ھئا تہ حادثي جو شڪار بڻجي ويا، اطلاع ملڻ تي اڳوڻي ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي، حاجي حنيف ميمڻ، ملاح اڳواڻ ڏاڏا ادم گندرو، وڏيرو محمد عرس گندرو، ڏونگر ڀنڀرو سميت سوين ملاح برادري جا ماڻھون اسپتال تي پھچي ويا، جن زخمين کي علاج ۾ مدد ڪرائي فوتين جا لاش پنھنجي اباڻي ڳوٺ روانا ڪرايا. ھن خوفناڪ ٿيل حادثي سبب علائقي ۾ ڏک ۽ سوڳ وارو ماحول ڇانيل اھي. ياد رھي تہ ھن روڊ کي ڊبل ڪرڻ دوران ھلندڙ ترقياتي ڪم دوران حادثن سبب ھڪ ھفتي اندر 15 کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن، سمورن فوتين کي چليا لڳ قريشي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو. ھڪ ئي وقت سمورا جنازا کڄڻ تي ھر اک الي ٿي ويئي، جنازن ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، شھرين ۽ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سندن تڏا چليا تي وڇايا ويا اھن، جتي فوتين جي وارثن سان تعزيتن جو سلسلو جاري اھي.