جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو پاران ڪشمور ڌرڻي جي حمايت جو اعلان

ڪشمور ڌرڻي ۾ جي يو آئي جا ڪارڪن ۽ عهديدار وڏي انگ ۾ شرڪت ڪن پيا: راشد محمود سومرو

جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو پاران ڪشمور ڌرڻي جي حمايت جو اعلان

سجاول (گلشيرميربحر) جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو پاران سنڌ ۾ بدامني خلاف ڪراچي ۽ ڪشمور ۾ احتجاجي ڌرڻي جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.ڪشمور ڌرڻي ۾ جي يو آئي جا ڪارڪن ۽ عهديدار شرڪت ڪن پيا اسان احتجاج ڪندڙن سان گڏ آهيون. علامه راشد محمود سومرو ردعمل ڏيندي چيو ته سکر حيدرآباد موٽر وي جي افتتاحي تقريب ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ سنڌ جي وڏي وزير ۽ بيوروڪريسي جي موجودگي ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ امن امان داءُ تي لڳل آهي. هن واضح ڪيو ته ڌاڙيلن جي هٿان سوين ماڻهو اغوا ٿي ويا آهن، انهن کي بازياب ڪرايو وڃي، اسان گهڻو وقت اڳ چيو هو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راج اسٽريٽ ڪرائم ۽ قبائلي تڪرار عروج تي آهن، سڀ کان پهرين جمعيت علماءِ اسلام وزير اعظم کان مطالبو ڪيو ته ڌاڙيلن خلاف آرمي رينجرز ۽ پوليس جو گڏيل آپريشن ڪيو وڃي، ان وقت کان وٺي اسان جي مطالبن تي ڪنهن به ڌيان نه ڏنو ۽ اڄ صورتحال سڀني جي سامهون آهي، ڌاڙيلن به اسان جي خلاف محاذ کوليو آهي.اسان پنهنجي صوبائي امير سائين عبدالصمد هاليجوي جي وڇوري تي ڏک ۾ آهيون ان جي باوجود بدامني خلاف احتجاج ڪندڙن سان گڏ بيٺل آهيون. ۽ ڀرپور شرڪت ڪئي آهي، اسان سڄي سنڌ ۾ بدامني خلاف عوامي احتجاجي جلسو شروع ڪري رهيا آهيون، جمعيت علماءِ اسلام هميشه سنڌ جي اهم مسئلن تي آواز اٿاريو آهي.ڪراچي کان ڪشمور تائين امن و امان لاء ٿيندڙ احتجاج جي حمايت ڪريون ٿا ۽ ڀرپور شرڪت ڪرڻ جو اعلان به ڪريان ٿو .