عظيم انقلابي اڳواڻ شاھ عنايت شھيد جو 315 عرس مبارڪ سومر کان شروع ٿيندو

شاھ عنايت شھيد جي عرس جي ميلي جون تياريون مڪمل، مريدن ۽ عقيدت مندن جي آمد جاري

عظيم انقلابي اڳواڻ شاھ عنايت شھيد جو 315 عرس مبارڪ سومر کان شروع ٿيندو

سجاول (گلشيرميربحر) دنيا جي عظيم انقلابي اڳواڻ شاھ عنايت شھيد جو 315 عرس مبارڪ سومر کان شروع ٿيندو ـ ميلي جون تياريون مڪمل ـ مريدن ۽ عقيدت مندن جي آمد جاري تفصيل موجب دنيا جي پھرئين سوشلسٽ اڳواڻ جو کيڙي سو کائي جو نعرو ھڻي سرمائداراڻي نظام کي للڪاريندڙ عظيم صوفي بزرگ حضرت صوفي شاھ عنايت شھيد جو 315 ھون عرس مبارڪ آچر جي شام سومر جي رات کان جھوڪ شريف ۾ شروع ٿي رھيو آھي جنھن جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آھن ان حوالي سان ميلا ڪميٽي انچارج صوفي وارث ستاري صحافين کي ٻڌايو ته ميلي جي حوالي سان تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن مريدن عقيدتمندن ۽ فقراء جي رھائش ۽ کاڌي پيتي جي بندوبست سميت درگاھ جي صفائي سٿرائي ۽ رنگ روغن جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آھي ھن چيو ته انتظاميا مڪمل طور تعاون ڪري رھي آھي سيڪيورٽي پڻ ڏني وئي آھي جڏھن ته درگاھ جي اندر توڙي ٻاھر ڪيمرائون نصب ڪيون ويون آھن ٻي طرف ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان فقيرن مريدن ۽ عقيدتمندن جي حق موجود سدا موجود جي صدائن سان جھوڪ شريف آمد جاري آھي..