ميرپورخاص تعليمي بورڊ جي چيئرمين سيد ذوالفقار علي شاهه جي صدارت هيٺ امتحاني سڌارن بابت اجلاس

شاگردن جي امتحاني پيپرن ۽ مارڪنگ جي فرسوده ۽ ناقص نظام کي جديد ٽيڪنالاجي سان معياري بڻايو وڃي: سيد ذوالفقار علي شاهه

ميرپورخاص تعليمي بورڊ جي چيئرمين سيد ذوالفقار علي شاهه جي صدارت هيٺ امتحاني سڌارن بابت اجلاس

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص تعليمي بورڊ جي چيئرمين سيد ذوالفقار علي شاهه جي صدارت هيٺ امتحاني سڌارن بابت جامع اجلاس اجرڪ هال ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ تعليمي بورڊ ميرپورخاص سان لاڳاپيل ڊگري ڪاليجن، هائير سيڪنڊري اسڪولن ۽ پرائيويٽ ادارن جي معززن، سب ايگزامنرز، مرد توڙي عورت پروفيسرن، ماهرن ۽ استادن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي تعليمي بورڊ جي چيئرمين سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته شاگردن جي امتحاني پيپرن ۽ مارڪنگ جي فرسوده ۽ ناقص نظام کي جديد ٽيڪنالاجي سان معياري بڻايو وڃي.امتحاني پيپرز کي جاگرافيائي رڪاوٽن کان سواءِ وڌيڪ معياري ۽ مربوط ڪيو ويندو، موجوده بورڊ جو امتحاني نظام صرف شاگردن جي يادگيري کي جانچي ٿو نه سمجھڻ جي. اهڙا امتحاني پيپر تيار ڪيا وڃن جن ۾ ڪاپي جي گنجائش نه هجي ته جيئن شاگردن جي ڪارڪردگيءَ جو صحيح اندازو لڳائي سگهجي. موجوده مارڪنگ سسٽم ناقص، غير منصفانه ۽ جانبدار آهي ۽ دنيا جي ڪنهن به علائقي ۾ استعمال نه ڪيو ويو آهي ۽ فوري طور تي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. امتحانن جي اصلاح لاءِ ضروري اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ان کي جديد اصولن مطابق ٻيهر تعمير ڪيو وڃي ۽ انساني مداخلت کي رد ڪيو وڃي. جديد ٽيڪنالاجي جي محفوظ آن لائن ويب پورٽل ذريعي سوالن جي اليڪٽرانڪ ورهاست، معياري سوال پيپر جي تياري لاءِ سوالن جي آئٽمز بئنڪ ۽ منصفاڻي ۽ شفاف عمل جي لاءِ ڊجيٽل حاضري مانيٽرنگ سسٽم تي عمل ڪرڻ تي صلاح مشورو ڪيو پيو وڃي. موجوده تعليمي بورڊ جي ماحول سياسي ۽ سماجي دٻاءُ جو شڪار آهي. اسان وٽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ٻئي ترقي يافته آهن، ضرورت آهي ارادن ۽ ترجيحن ۾ تبديلي جي. تعليمي بورڊ جي چيئرمين سيد. ذوالفقار علي شاهه موجب بورڊ جو پنهنجو امتحاني نظام ۽ معيار آهي ٽيڪنالاجي جي بهترين استعمال کي بهتر بڻائڻ لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهيو آهي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي بهترين طريقي سان خدمت ڪرڻ بورڊ جي اولين ترجيح آهي. ان نيت سان، BISE ميرپورخاص درس ۽ تدريس جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ امتحاني نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ جامع امتحاني سڌارن جو پروگرام لاڳو ڪيو آهي