دادو ۾ هٿرادو مهانگائي خلاف علامه آءِ آ3 قاضي لائبريري کان ريلي ڪڍي وئي

حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب عام واهپي جون شيون غريب جي پهچ کان پري ٿي ويون آهن: اڳواڻ

دادو ۾ هٿرادو مهانگائي خلاف علامه آءِ آ3 قاضي لائبريري کان ريلي ڪڍي وئي

دادو (رپورٽر)دادو ۾ ھٿرادو مھانگائي ۽ ضلعي انتظاميه جي بي ڌياني سبب سماجي تنظيمن جو علامه آئي آئي قاضي لائيبريري کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي . , يوٿ ويلفئير سوسائٽي ضلع دادو جي چئيرمين سليم اختر پنھور، آپڪا آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسئيشن ضلع دادو جي چئيرمين لاھوتي منير احمد سيال ، مرڪزي اڳواڻ احمد علي ڏاھري ۽ ھما حقوق نسوا فائونڊيشن دادو جي چئيرمين قربان کوسو جي اڳواڻي ۾ وڏي تعداد ۾ شھرين فنڪارن سماجي اڳواڻن ۽ سول ـسوسائٽي جي ماڻهن شرڪت ڪئي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته پئٽرول جي وڌندڙ اگھن جي ڪري مھانگائي جي شرع ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي ۽ ضلعي انتظاميه ۽ مارڪيٽ ڪاميٽي جي بي ڌياني سبب سبزي، فروٽ، مڇي، مرغي ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين جا ھٿرادو اگھ وٺڻ ۽ سئي گئس ۽ بجلي جي غير اعلانيه لوڊشيڊنگ خلاف شھري سراپا احتجاج ڪري رھيا آهيون ريلي علامه آئي آئي قاضي لائيبريري پارڪ کان ڪڍي وئي جيڪا ايس ايس پي چونڪ تائين پھتي ۽ مھانگي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاء مظاھرين سخت نعريبازي ڪئي احتجاج ۾ سنڌي فنڪار غلام نبي ڀنڊ عرف اڇڙو ڪبوتر، سماجي اڳواڻ محبوب علي سومرو ،, امانت سولنگي، مسرور ھاليپوٽو، مرتضي چارڻ، انيس قربان کوسو، غلام حيدر پنھور، عابد چارڻ، احمد خان پاٽ ،عدنان احمد، اعجاز ڏاھري، حبيب الله پنھور، شفيق احمد پنھور، شاھد گوپانگ ۽ وڏي تعداد ۾ شھرين وڏي انگ ۾ ريلي ۾ شرڪت ڪئي مظاھرين پاڪستان زنده آباد پاڪ فوج پاڪ رينجرس ۽ سنڌ پوليس زنده آباد جا نعرا ھنيا ويا