دادو ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل پاڪستان پاران احتجاجي ريلي

سيد الطاف حسين شاھ مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃ

دادو ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل پاڪستان پاران احتجاجي ريلي

دادو (عبدلعزيز ٻٻر ) دادو ۾ مرڪزي امام بارگاهه حيدري دادو کان پريس ڪلب دادو تائين شيعہ علماء ڪائونسل پاڪستان ضلع دادو جي صدر سلامت جعفري،سينئر اڳواڻ اشرف علي سخيراڻي ، علامہ سيد سرفراز علي شاهه، سيد حسين شاه، اڳواڻي ۾ سوين شيعان حيدر ڪرار مرڪزي امام بارگاھ حيدري دادو کان پريس ڪلب دادو تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو جنهن ۾ شيعان حيدر ڪرار وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو کي شيعہ علماء ڪائونسل ضلع دادو جي صدر سلامت جعفري ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪندي چيو ته 23 محرم الحرام تي لائوڊ اسپيڪر تي تقرير ڪندي اهلبيتن جي شان ۾ گستاخي ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪري سيد الطاف حسين شاھ مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي. ٻئي صورت ۾ پوري ضلعي دادوءَ ۾ احتجاجي مظاهرن جو دائرو وڌايو ويندو، احتجاجی ریلی کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اسان متنازع ناموس صحابہ ترمیمي بل کي مسترد ڪيون ٿا ۽ قائد ملت جعفریہ علامہ سید ساجد علي نقوي جي حڪم تي پهرين ربيع الاول اسلام آباد ملڪ گير احتجاج ۾ شرڪت ڪري ان متنازع بل جي مخالفت ڪنداسين. حتجاجي ريلي ۾ مختلف شيعہ تنظيم جي اڳواڻن شرڪت ڪئي جنهن ۾ شيعہ علماء ڪائونسل ضلعي اڳواڻ الطاف حسين سخيراڻي، اصغريه علم و عمل جي سيد حامد علي شاهه،مشتاق حسيني، اصغريه آرگنائيزيشن جي الله بچايو انقلابي، مجلس وحدت المسلمین جي منظور خاصخيلي، سيد منتظر مهدي، JSO جي عرفان لغاري، ۽ زوار حبدار ابوذري، سيد موجن شاہ، سيد ديدار شاہ، سيد سردار شاھ، حسن بخش جتوئي، اميرالدين جتوئي، وسيم سومرو، آفتاب جعفری ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ هيا