ڪشمور ۾ بدامني خلاف بڊاڻي کان ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب تائين پيادل مارچ

33ڪلوميٽر پيادل مارچ ۾ مغوين جا وارث، هندو برادري جا ماڻهو، شهري، سياسي سماجي مذهبي قومپرست ڌريون شامل

ڪشمور ۾ بدامني خلاف بڊاڻي کان ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب تائين پيادل مارچ

بڊاڻي ۾ ايس يو پي پاران ضلعي ڪشمور مان اغوا ٿيل مغوين جي بازيابي ۽ امن امان جي بحالي لاء ضلعي صدر دلمراد ڏاهاڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ريلي شهر جي مک بازار کان ٿيندي مرتضي ڪانٽي وٽ پهتي جتي ايس يو پي ضلعي صدر دلمراد ڏاهاڻي,سيد دانش شاه,مظهر حسين چاچڙ,استاد مولچند,مغوين جي وارثن سميت سياسي سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته بڊاڻي جي ٽن هندو برادري سميت پنج مغوين ۽ ضلعي ڪشمور مان اغوا ٿيل معصوم ٻارن سميت سڀني مغوين جي بازيابي ۽ امن امان جي بحالي لاء اڄ بڊاڻي کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي آهي جيڪا 33 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب پهچي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويندو اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٻن مهينن کان پوليس انتظاميا پاران دلاسن کان سواء ڪجھ ڪون پيا ڏين وقتن بر وقتن احتجاج ڪرڻ جي باوجود پوليس رڳو سکڻا دلاسا پئي ڏي ته اوهان جا مغوي ٻن ڏين ۾ بازياب ڪرائينداسين,هنن چيو ته آء جي سنڌ,سنڌ جي وڏي وزير جي ڪشمور دوري دوران مغوين جي وارثن کي يقين ڌياني ڪرائي وئي پر ان مٿان ٽڪي جو عمل ڪون ٿي سگهيو هنن چيو ته ڌاڙيلن پاران مسلسل مغوين جون تشدد واريون ويڊيوز وائرل ڪري وارثن کي ڀنگ ڀرڻ لاء زور ڀريندا رهن ٿا پر پوليس ان باوجود به ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان قاصر بڻيل آهي,هندو برادري جو چوڻ هو ته ايس ايس پي ڪشمور کي ٻن ڏينهن وارو کوڙو پڪو آهي جنهن مهل به ملاقات ڪريون ٿا چئي ٿو ٻن ڏينهن ۾ مغوي بازياب ٿي ويندا,هنن چيو ته هن وقت اسان سميت سموري ضلعي جي عوام خوف ۾ وڪوڙيل آهي پر پوليس جي ڪن مٿان ڪابه جُون ڪون پئي چُري هنن چيو ته هي پيادل مارچ ڪنڌڪوٽ پهچي ڌرڻو هنيو ويندو