ميرپورخاص ويجهو خاصخيلي برادري جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو

طارق مگسي ڪامران مگسي ۽ ٻيا گهرن کي باهيون ڏئي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا: مظاهرين

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ)ميرپورخاص کاڻ شھر سان تعلق رکندڙ خاصخيلي برادري جي ماڻھن بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج ڪندي چيو ته بااثر طارق مگسي ڪامران مگسي ۽ سندس ماڻھن گهرن کي باهيون ڏئي گهرن تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا جڏهن ته اسان سرڪاري پڍ تي ويٺل آھيون۔ حريف خاصخيلي ۽ ارباب صحافين کي ٻڌايو ته سرزمين تي ڪئي گهر اڏاوٽون آھن پر بااثر ماڻھو اسان جا گهر خالي ڪرائي قبضو ڪرڻ ٿا چاهين هنن ٻڌايو ته سرزمين تي بااثرن پاران پوليس ۽ ريلوي کاتي جا چند ملازم کڻي سرزمين تي اسان جي ٻارن جو به خيال نه ڪياؤن ۽ لوڙھن کي باهيون ڏئي پٽ ڪري ڇڏياؤن۔ کاڻ شھر م سئو سال کان ريلوي جي سرڪاري زمين تي آباد خاصخيلي .مگسي. ۽ لاکا برادري جا گهر آهن جتي هڪ بااثر پرائيويٽ ماڻھو پوليس ساڻ ڪري سرڪاري زمين جي الاٽمينٽ جي دعوي ڪري زبردستي صرف خاصخيلي برادري جا گھر ڊاھي  ساڙي ،عورتن ء ٻارن تي تشدد ڪري ويو آهي جنهن واقعي جو اعلي اختياريون نوٽس وٺن ۔بااثر جي زيادتين کان تنگ ڪمشنرميرپورخاص ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص ريلوي احڪام سميت وسوارن کي مطالبو ڪندي انصاف ۽ تحفظ جي گهر ڪئي آھي۔