ڊي آءِ جي ميرپورخاص رينج ذوالفقار علي مهر جي هدايتن تي گڏيل تربيتي اجلاس منعقد

عورتن کي تشدد، طلاق، شادي، ووٽ ۽ گهر ۾ ڪم ڪرڻ جي آزادي هجڻ گهرجي: نزھت شيرين

ڊي آءِ جي ميرپورخاص رينج ذوالفقار علي مهر جي هدايتن تي گڏيل تربيتي اجلاس منعقد

ميرپورخاص(بيورورپوٽ) ڊي آءِ جي ميرپورخاص رينج ذوالفقار علي مهر جي هدايتن جي روشني ۾ پوليس ڪمپليڪس ميرپورخاص ۾ ”سنڌ ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين“ ۽ سنڌ حڪومت پاران گڏيل تربيتي اجلاس منعقد ڪيو ويو، اجلاس ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ ۾ صنفي تشدد، تشدد جي ڏوهن بابت آگاهي ڏني وئي. عورتن تي ٿيندڙ تشدد هر روز پيش ايندڙ اهم مسئلن ـ صنفي تشدد بابت تنظيمن جي قانونن ۽ خدمتن بابت آگاهه ڪيو ويو، چيئرمين نزھت شيرين چيو ته عورتن کي تشدد، طلاق، شادي، ووٽ ۽ گهر ۾ ڪم ڪرڻ جي آزادي هجڻ گهرجي، عورتن تي تشدد نه رڳو ذهني دٻاءُ جو سبب بڻجندو آهي پر عورتن جي موت جو به سبب بڻجندو آهي، عورتن تي تشدد جي حوالي سان مختلف قانون آهن، جن بابت آگاهي هر عام ماڻهو لاءِ تمام ضروري آهي، انهن قانونن تي عملدرآمد کي به يقيني بڻايو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اسلام عورتن جي حقن جو به تحفظ ڪري ٿو، صنفي بنيادن تي تشدد جي حوالي سان قائم ڪيل عدالتون به موثر طريقي سان ڪم ڪري رهيون آهن. ان موقعي تي ڊي آءِ جي ميرپورخاص چيو ته عورتن تي تشدد انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ جو بدترين مثال آهي، ان جا مختلف روپ اسان جي سماج ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، گهريلو تشدد کان وٺي آفيسن ۾ هراسان ڪرڻ، غيرت جي نالي تي قتل ۽ ڏاڍ جا سڀ واقعا پيش اچن ٿا جينڊر بيس وائيلينس جي زمري ۾ اچن ٿا. صنفي بنيادن تي تشدد جا ڏوھ مختصر ۽ ڊگھي مدي جا ھوندا آھن، جيڪي اھڙن ڏوھن جي متاثرن تي منفي اثر ڪندا آھن. هاڻي اسان کي سوچڻو پوندو سماج جي هر فرد کي بنيادي انساني حقن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻون پوندو اجلاس ۾ ڊي آءِ جي ميرپورخاص ذوالفقار علي مهر، چيئرمين سنڌ ڪميشن اسٽيٽس آن وومين گورنمينٽ آف سنڌ نزهت شيرين، ايس ايس پي ميرپورخاص ڪيپٽن (ر) محمد اسد چوڌري، ڊي ايس پي ايڊمن رينج آفيس، انچارج وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن سيل ـ سول سرجن ميرپورخاص شيرو موتي ، ڊپٽي ڊائريڪٽر وومين ڊولپمينٽ طارق وحيد گڊاني، سول سوسائٽي جي وڪيل ڪاشف بجير وڪيلن جي نصرت ميانو ـ ڪنول اعجاز رنڌاوا، ميرپورخاص ايوان صحافت جي سينيئر صحافي عبيدالله ڪوري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جڏهن ته عبيدالله ڪوري سنڌڙي ۾ عورتن جي غيرت جي نالي تي قتل جي واقعن بابت ڳالهائيندي سنڌ ڪميشن، پوليس آفيسرن ۽ ٻين ادارن پاران سنڌڙي ۾ ڪاروڪاري جي رجحان تي ضابطو آڻڻ لاءِ سنڌن جو ڌيان ڇڪايو.