شڪارپور ۾ سنڌ صحافي اتحاد پاران جان محمد مھر جي قتل خلاف احتجاج

صحافين پاران شھيد جان محمد مھر جي قبر تي اچي گلن جي ورکا ۽ دعا پڻ گھري

شڪارپور ۾ سنڌ صحافي اتحاد پاران جان محمد مھر جي قتل خلاف احتجاج

شڪارپور (احسان ابڙو) شھيد جان محمد مهر جي واقعي خلاف سنڌ صحافي اتحاد طرفان صحافين جو وڏو احتجاجي مظاهرو.ريلي ڪڍي شهر گشت ڪيو ويو جوابدارن خلاف سخت نعريبازي.قاتل ظاهر ڪرڻ جي گهر.صحافين شهيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي ورکا ڪئي.شهيد جي قبر تي وچن ڪيو ته هرصورت ۾ شيرمحمد عرف شيرو مهر جي پويان بيٺل جوابدار ظاهر ڪري ڪيس ۾ نالا شامل ڪيا وڃن:رپورٽ موجب چڪ شهر ۾ شھيد جان محمد مهر جي واقعي خلاف سنڌ صحافي اتحاد جي مرڪزي چيئرمين نعمت کهڙو جي اڳواڻي ۾ سوين صحافين ٽيجهي کانپوءِ احتجاجي مظاھرو ڪري ريلي ڪڍي وئي ريلي دوران سوين صحافين توڙي شهرين طرفان اُڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا ريلي کي خطاب ڪندي نعمت کهڙو يعقوب سومرو عظمت ڪنڀر ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته جعلي جي آء ٽي منظور ناهي اسان چاهيون ٿا ته وزيراعلي سنڌ سکر ۾ ڪئمپ آفيس قائم ڪري ٽنهي ضلعن جي پوليس کي ڪچي ۾ لاھي جوابدار گرفتار ڪري ٻيو ته جوڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هاءِ ڪورٽ جي جج جي سربراهي ۾ ھجي ڪيس جي نگراني وزيراعليٰ سنڌ محمد باقر ۽ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڪن، قتل جي پويان ملوث هٿ ظاهر ڪيا وڃن واقعي جو ماسٽر مائينڊ جو نالو ظاهر ڪري ڪيس ۾ نالو شامل ڪيو وڃي شهيد جان محمد مهر جي ڪردار تي روشني پڻ وڌي وئي شهيد جان محمد مهر عزيز ميمڻ اميربخش بروهي شاهد سومرو اصغر کنڊ جي قاتلن تائين پهچداسين ۽ انهن ڏوهاري دهشتگردن کي انجام تائين پهچائبو ڪنهن به صورت ۾ ڏوهارين کي معاف نه ڪبو اسين سڀ صحافي جان محمد مهر آهيون اسان شهيد ٿيڻ لاءِ تيار آهيون اسان هنن ٽڪي جي ڏوهارين کان ڪونه ٿا ڊڄون.انهيءُ موقعي تي غلام حسين خاصخيلي،بچل هنگورو،امداد ڦلپوٽو،سلطان رند،همير چانڊيو,يعقوب سومرو,عظمت ڪنڀر,خان محمد مڱڻهار,الطاف ميمڻ,جاويد راھوجو,ساحل جوڳي,ماستر سليم الله مهر ، احسان جيهو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو