پ پ اڳواڻ نفيسا شاھھ شھيد جان محمد مھر جي گھر پھتي، وارثن سان تعزيت

صحافي جان محمد مھر جو قتل انسانيت ۽ اظھار جي آزاديءَ جو قتل آھي: نفيسا شاھھ

پ پ اڳواڻ نفيسا شاھھ شھيد جان محمد مھر جي گھر پھتي، وارثن سان تعزيت

سکر: پ پ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي نفيسہ شاھ چيو آھي تہ شھيد صحافي جان محمد مھر جو قتل انسانيت ۽ اظھار جي آزاديءَ جو قتل آھي، اھو ڪرمنل عمل آھي ان کي قبائلي رخ ڏيڻ انتھائي غلط آھي، قاتلن کي ڪنھن بہ صورت ۾ اِن آڙ ۾ لڪڻ جي اجازت نہ ڏني ويندي. صحافي برادري اِن ڪيس کي پنھنجو ڪيس سمجھي وڙھي رھي آھي، مان شھيد جي فيملي سان ملي آھيان ان جو چوڻ آھي تہ اسان کي انصاف گھرجي، قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو وڃي. شھيد صحافي جان محمد جي گھر پھچي وارثن سان ڏک جو اظھار ڪرڻ ۽ ھر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائڻ بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي پ پ اڳواڻ نفيسا شاھ چيو تہ  انتھائي افسوس آھي جو شھر ۾ سنڌ جي نامور صحافي جان محمد مھر مٿان قاتلاڻو حملو ڪري کيس شھيد ڪيو ويو، سنڌ حڪومت اِن ھاءِ پروفائيل ڪيس جي اھم کي سمجھندي جي آءِ ٽي تشڪيل ڏني آھي، جنھن پنھنجو ڪم بہ شروع ڪري ڏنو آھي. لاقانونيت جي ھڪ لھر يقينن سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ موجود آھي، معصوم فاطمہ وارو انتھائي دردناڪ واقعو پيش آيو آھي، اِن کان اڳ معصوم رضوانہ وارو واقعو سامھون آيو، ھانءٌ ڏاريندڙ واقعو آھي، انڪوائري ڪاميٽي تشڪيل ڏني وئي آھي، ٻارڙي جي تڙپي تڙپي فوت ٿيڻ، ان جي درد توڙي ان جي فيملي جي درد جو اندازو بہ نٿو لڳائي سگھجي، پوليس کي ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن تہ ڪير بہ ھجي ڪيڏو بہ وڏو سياسي خاندان ڇو نہ ھجي حقيقتن تي مشتمل گھڻ رخي جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، ھن وقت جيڪي الزام آھن اُھي انتھائي سنگين آھن جنھن جي تصديق پوسٽ مارٽم بعد ٿيندي. ان ۾ جيڪي بہ ملوث آھن انھن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو ويندو. ھن چيو تہ ان قسم جي واقعا وڌيڪ ٿي رھيا آھن، افسوس سان چوڻو پئجي ٿو تہ اسان ٻارڙن کي وڏن وڏن گھرن ۾ مجبوري سبب ڏئي ڇڏيون ٿا، وڏن گھرن وارا ٻارڙن کي رکن ٿا، اِھو ٻنھي صورتن ۾ غيرقانوني عمل آھي، ٻارڙن کي گھرن ۾ ڪم ڪرائڻ سان ئي ڏوھ جي شرعات ٿئي ٿي، پوليس ۽ ليبر ڊپارٽمينٽ کي اِن تي سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آھي.