جماعت اسلامي سنڌ پاران راڻي پور واقعي جي شديد مذمت، شفاف جاچ جو مطالبو

معصوم فاطمه ڦرڙو جي قاتل کي عبرت ناڪ سزا ۽ سندس پوئنرن کي تحفظ ڏنو وڃي: ڪاشف سعيد شيخ

جماعت اسلامي سنڌ پاران راڻي پور واقعي جي شديد مذمت، شفاف جاچ جو مطالبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ راڻي پور ۾ معصوم نياڻي فاطمه ڦُرڙو جي بيدردي سان قتل ۽ زيادتي واري واقعي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته ڏهه سالن جي معصوم نياڻي کي درندگي جو نشانو بڻائي زمين تي مرڻ لاءِ ڦٽي ڪيو ويو جتي هو تڙپي تڙپي مري وئي، واقعي جي وائرل وڊيو کان پوءِ ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي رهيو ته ظالم پيراسد شاه ان واقعي ۾ ملوث آهي جڏهن ته طبي موت جو سرٽفڪيٽ جاري ڪندڙ ڊاڪٽر ۽ حد جي ٿاڻي جو ايس ايڇ او پڻ سهولتڪاري ۾ ملوث آهن، معصوم نياڻي جي موت جي غيرجانبداراڻي ۽ شفاف جانچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي ملوث ملزم کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. صوبائي سيڪريٽري جنرل ڪاشف سعيد شيخ جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ته سنڌ جي هر باشعور فرد کي اڳتي اچي ان ظلم خلاف آواز اٿارڻ گهرجي ته جئين آئنده ڪوبه وحشي بگهڙ نما انسان ڪنهن معصوم سان ظلم نه ڪري سگهي. رضوانه کان پوءِ فاطمه سان اهڙي ظلم ۽ بربريت جي ذميواري اسان جي معاشري، مُدي خارج عدالتي سسٽم ۽ وڏيرا شاهي نظام تي پڻ لاڳو ٿئي ٿي، اهي ساڳيا مير، پير ۽ ڀوتار هر ڀيري پارٽيون ۽ لباس بدلائي اقتدار ۾ ايندا رهن ٿا جن جي نظرن ۾ عوام جي حيثيت ڪيولين کان به گهٽ آهي، موجوده ناڪاره سسٽم اهڙن ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪري ٿو ۽ مظلوم انصاف لاءِ در در جا ڌڪا کائڻ تي مجبور آهي. راڻي پور جي افسوس ناڪ واقعي هڪ ڀيرو ٻيهر انسانيت جو ويس ڍڪڻ واري مڪروه ۽ وحشي درندن کي بي لباس ۽ ظالماڻي نظام جي منهن تان نقاب لاهي ڦٽو ڪيو آهي، فاطمه ڦرڙو پير جي حويلي ۾ ملازم هئي جتي هن دم ڏنو، بنا پوسٽ مارٽم جي معصوم نياڻي کي تڙ تڪڙ ۾ دفنايو ويو، ڊاڪٽر طبي موت جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڇڏيو ايس ايڇ او به واقعي تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، معصوم نياڻي جي وائرل وڊيو ڏسي پاڻ کي عوام جو خادم اعلى چورائڻ وارن حڪمرانن کي وچ چوڪ تي سرِعام سنگسار ڪرڻ گهرجي. جماعت اسلامي هر ظلم خلاف آواز اُٿاريو آهي اسان پُرزور مطالبو ٿا ڪريون ته هن واقعي جي آزاد ۽ شفاف جانچ ڪري ملوث پير کي سرِعام ڦاهي ڏني وڃي ۽ متاثرخاندان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ متاثرين سان گڏجي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو حق محفوظ رکون ٿا. هوڏانهن صوبائي امير محمد حسين محنتي جي هدايت تي نائب امير ممتاز حسين سهتو جي قيادت ۾ هڪ وفد راڻي پور پهچي متاثر خاندان سان تعزيت ۽ ڏک جو اظهار توڙي واقعي بابت ڄاڻ ورتي، وفد ۾ مقامي اڳواڻ مولانا هاشم لاشاري، نعيم احمد ڪنبوهه، نديم غوري ۽ اُستاد نورمحمد ڦُرڙو پڻ شامل هئا.