نوشھروفيروز ۾ سينئر صحافي جان محمد مھر جي قتل خلاف احتجاجي ريلي

پي ايف يو جي جي سڏ تي زاھد قائمخاڻي، مظھر خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي

نوشھروفيروز ۾ سينئر صحافي جان محمد مھر جي قتل خلاف احتجاجي ريلي

نوشهروفيروز(ڊر) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي نوشهروفيروز يونين آف جرنلسٽس پاران سکر ۾ صحافي جان محمد مھر جي بي رحماڻي قتل خلاف احتجاج ڪيو ويو. صحافين پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ نوري بازي ڪئي. ان موقعي تي نوشهروفيروز يونين آف جرنلسٽس جي صدر زاھد قائمخاني، مظھر خاصخيلي، شاھد سومرو، زاھد راڄپر، پريس ڪلب نوشهروفيروز جي صدر ممتاز سولنگي، محبوب ڪلھوڙو، سيد مبارڪ علي شاھ، راڻا رياض الحسن، فريد خانزادہ، عقيل خانزاده، رفيق سومرو، عارف علي، اختيار سولنگي، نديم منگي، علي حيدر ڪلھوڙو، تنوير قريشي، جڙيل منگي ۽ ٻين چيو ته جان محمد مھر جو قتل آزاد صحافت جو قتل آھي ۽ سڄو ملڪ صحافين لاءِ مقتل گاھ بڻجي ويو آهي ۽ سچائي جو ساٿ ڏيندڙ صحافين کي ڳولي ڳولي ماريو پيو وڃي پر حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي. ھنن چيو ته شھيد جان محمد مھر جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزائون ڏياريون وڃن. قتل ڪيس جي عدالتي جاچ ڪري قتل جا سبب ڳوليا وڃن ۽ صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.