ڪشمور ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

مقتول شاهنواز شر جي وارثن انڊس هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، پوليس خلاف نعريبازي

ڪشمور ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

ڪشمور: آرڊي 45 پل وٽ اڻڄاتل ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڪشمور جي ذوالفقار شاهه پاڙي جو رھواسي 45 ورھين جو شاھنواز شر قتل ٿي ويو مقتول کي قتل ڪندڙ جوابدار ڪشمور پوليس چيڪ پوسٽ آڏو آساني سان گذري ڪچي طرف فرار ٿي ويا، مقتول جي وارثن پاران عورتن ۽ بارڙن سميت انڊس هاءِ وي تي مقتول جو لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو