ڏهرڪي ۾ پورهيت جو ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين خلاف احتجاج

3سال ڳوٺ ٻاهريان ڇتي ڪتن جي ڏاڙهڻ سبب ڀاءُ فوت ٿي ويو هو: غلام مرتضيٰ ڪانڃون

ڏهرڪي ۾ پورهيت جو ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين خلاف احتجاج

ڏهرڪي (نويد چغتائي ) ڏهرڪي ۾ پورهيت جو ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين جي زيادتين خلاف احتجاج اعلي اختيارين کان نوٽس وٺي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبوخبر موجب ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ باهو ڪانڃون واسي پورهيت غلام مرتضي ڪانڃون ميڊيا وٽ پهچي احتجاج ڪندي چيو آهي ته 3 سال ڳوٺ ٻاهريان ڇتي ڪتن جي ڏاڙهڻ سبب سندس ڀاءَ فوت ٿي ويو جنهن بعد عدالت پاران يوسي جي ايدمسٽريٽر ۽ مختيارڪار سميت يوسي سيڪريٽري مٿان سندس ڀاءَ جو قتل ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن بعد عدالت جي حڪم تي ڏهرڪي پوليس سرڪار پاران ۽ منهنجي فرياد تي ان ووقت جي يوسي سائينڏنو ملڪ جي سيڪريٽري شمس دين جوڻيجو مٿان ڪيس داخل ڪيو جنهن بعد هاڻوڪي ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين ڄام زاهد خان ڏهر پاران تڏي تي لنگهي آچي اسان کي انصاف فراهم جي خاطري ڪرائي کيس ٽائون ڪاميٽي ۾ نوڪري ڏيارڻ جو يقين ڏياري اسان کي يوسي سيڪريٽري مٿان داخل ڪيس تان هٿ کڻايو پر ٽي سال گذرڻ باوجود هن مهل تائين اسان سان انصاف نه ڪيو ويو آهي هن مطالبو ڪيو ته ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين پاران ڪيل ناانصافي جو نوٽس وٺي کيس ٽائون ڪاميٽي ۾ نوڪري ڏياري وڃي