سنڌ جي پارليماني صحافين ايوان جي تقدس جوخيال رکندي هميشه هاڪاري روايتن جو بنياد وڌو آهي:آغا سراج دراني

پيپلزپارٽي جي دورن ۾ صحافين جي تعريفي سرٽيفڪيٽ ذريعي حوصله افزائي ڪئي وڃي ٿي۽ سندس جائز مسئلن تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو

سنڌ جي پارليماني صحافين ايوان جي تقدس جوخيال رکندي هميشه هاڪاري روايتن جو بنياد وڌو آهي:آغا سراج دراني

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته سنڌ جي پارليماني صحافين ايوان جي تقدس جو خيال رکندي هميشه هاڪاري رويتن جو بنيادن وڌو آهي انهيءَ ڪري پيپلزپارٽي جي دورن ۾ صحافين جي تعريفي سرٽيفڪيٽ ذريعي حوصله افزائي ڪئي وڃي ٿي۽ سندس جائز مسئلن تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو، جڏهن ته صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسيمبلي ۾ حڪومتي ۽ اپوزيشن جا ميمبر اٿاريل نقطا ۽ پيغام عوام تائين صحافي پهچائين ٿا سنڌ اسيمبلي صحافين جي پروٽيڪشن جو بل منظور ڪرايو. پيپلزپارٽي ۽ جرنلزم جو پاڻ ۾ گهاٽو تعلق آهي، صوبائي وزير چيو تھ اسان ڪڏھن بھ ڪنھن پريس ڪلب يا صحافتي تنظيم جي گرانٽ پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي ناھي روڪي، اپوزيشن ليڊر رعنا انصار چيو ته صحافين کان سواءِ سنڌ اسيمبلي جي ڪارڪردگي جو تجزيو ڪرڻ مشڪل آهي اصلاح ۾ ميڊيا جو ڪردار آهي ۽ اسان صحافين کان گهڻو ڪجهه سکون ٿا، حڪومت صحافين جي صحت ڪارڊ جي معاملي کي اوليتي بنيادن تي حل ڪري اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل شام سنڌ اسيمبلي آڊيٽوريم ۾ گذريل پنجن سالن ۾ اسيمبلي جي ڪوريج ڪندڙ صحافين کي تعريفي سرٽيفڪيٽ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ گيانچند، سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي جي ايم عمر فاروق، سينيئر صحافي حبيب خان غوري، محمد منير الدين، ڪامران رضي، عبدالرحمان، عبدالرزاق ابڙو، قاضي آصف، شمس ڪيريو، رشيد ميمڻ، لياقت عباسي، صلاح الدين عباسي، نور محمد ڪلھوڙو، رحمت اللھ ٻرڙو، منير ساقي، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ رعنا انصار سميت ميمبرن ۽ صحافين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. اسپيڪر چيو ته اسان پنج سال اڳ به سرٽفڪيٽ ڏنا هئا مون کي 10 سال ٿي ويا. اسپيڪر آهيان فخر ٿئي ٿو ته اسان جا صحافي سٺو ڪم ڪن ٿا ۽ بهترين روايتن جا امين آهن ٻين صوبن جي اسيمبلين ۾ اهڙي طرح ڪم ناهي ٿيندو سڀ کان وڌيڪ قانونسازي سنڌ اسيمبلي ڪئي هي منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ اسيمبلي ۾ اسپيڪر مان نه هجان اميد آهي ته ايندڙ اسپيڪر انهن هاڪاري روايتن کي جاري رکندو هن سينيئر صحافي حبيب خان غوري جي حوالي سان چيو ته هي منهنجي والد جي زماني کان هن ايوان جي ڪوريج ڪندو رهيو اسان کي ان تي فخر آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ هڪ سٺي روايت آهي گذريل 10 سالن ۾ آغا سراج دراني جو مثالي ڪردار رهيو آهي هرميمبر اهو سمجهي ٿو ته هي منهنجو اسپيڪر آهي صحافين لاءِ ڪنهن ٻي پارٽي اهڙو ڪم ناهي ڪيو رڳو پيپلزپارٽي صحافين لاءِ ڪم ڪيو آهي ڪم ڪرڻ وقت اسان نظرياتي فرق يا سياسي لاڳاپن کي ناهيون ڏسندا اسان جي ملڪ ۾ صحافين قربانيون ڏنيون آهن ۽ صحيح آواز اٿارڻ ۾ سندن وڏو ڪردار آهي.