English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي پارليماني صحافين ايوان جي تقدس جوخيال رکندي هميشه هاڪاري روايتن جو بنياد وڌو آهي:آغا سراج دراني
209 views
|
06th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
پيپلزپارٽي جي دورن ۾ صحافين جي تعريفي سرٽيفڪيٽ ذريعي حوصله افزائي ڪئي وڃي ٿي۽ سندس جائز مسئلن تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته سنڌ جي پارليماني صحافين ايوان جي تقدس جو خيال رکندي هميشه هاڪاري رويتن جو بنيادن وڌو آهي انهيءَ ڪري پيپلزپارٽي جي دورن ۾ صحافين جي تعريفي سرٽيفڪيٽ ذريعي حوصله افزائي ڪئي وڃي ٿي۽ سندس جائز مسئلن تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو، جڏهن ته صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسيمبلي ۾ حڪومتي ۽ اپوزيشن جا ميمبر اٿاريل نقطا ۽ پيغام عوام تائين صحافي پهچائين ٿا سنڌ اسيمبلي صحافين جي پروٽيڪشن جو بل منظور ڪرايو. پيپلزپارٽي ۽ جرنلزم جو پاڻ ۾ گهاٽو تعلق آهي، صوبائي وزير چيو تھ اسان ڪڏھن بھ ڪنھن پريس ڪلب يا صحافتي تنظيم جي گرانٽ پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي ناھي روڪي، اپوزيشن ليڊر رعنا انصار چيو ته صحافين کان سواءِ سنڌ اسيمبلي جي ڪارڪردگي جو تجزيو ڪرڻ مشڪل آهي اصلاح ۾ ميڊيا جو ڪردار آهي ۽ اسان صحافين کان گهڻو ڪجهه سکون ٿا، حڪومت صحافين جي صحت ڪارڊ جي معاملي کي اوليتي بنيادن تي حل ڪري اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل شام سنڌ اسيمبلي آڊيٽوريم ۾ گذريل پنجن سالن ۾ اسيمبلي جي ڪوريج ڪندڙ صحافين کي تعريفي سرٽيفڪيٽ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ گيانچند، سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي جي ايم عمر فاروق، سينيئر صحافي حبيب خان غوري، محمد منير الدين، ڪامران رضي، عبدالرحمان، عبدالرزاق ابڙو، قاضي آصف، شمس ڪيريو، رشيد ميمڻ، لياقت عباسي، صلاح الدين عباسي، نور محمد ڪلھوڙو، رحمت اللھ ٻرڙو، منير ساقي، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ رعنا انصار سميت ميمبرن ۽ صحافين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. اسپيڪر چيو ته اسان پنج سال اڳ به سرٽفڪيٽ ڏنا هئا مون کي 10 سال ٿي ويا. اسپيڪر آهيان فخر ٿئي ٿو ته اسان جا صحافي سٺو ڪم ڪن ٿا ۽ بهترين روايتن جا امين آهن ٻين صوبن جي اسيمبلين ۾ اهڙي طرح ڪم ناهي ٿيندو سڀ کان وڌيڪ قانونسازي سنڌ اسيمبلي ڪئي هي منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ اسيمبلي ۾ اسپيڪر مان نه هجان اميد آهي ته ايندڙ اسپيڪر انهن هاڪاري روايتن کي جاري رکندو هن سينيئر صحافي حبيب خان غوري جي حوالي سان چيو ته هي منهنجي والد جي زماني کان هن ايوان جي ڪوريج ڪندو رهيو اسان کي ان تي فخر آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ هڪ سٺي روايت آهي گذريل 10 سالن ۾ آغا سراج دراني جو مثالي ڪردار رهيو آهي هرميمبر اهو سمجهي ٿو ته هي منهنجو اسپيڪر آهي صحافين لاءِ ڪنهن ٻي پارٽي اهڙو ڪم ناهي ڪيو رڳو پيپلزپارٽي صحافين لاءِ ڪم ڪيو آهي ڪم ڪرڻ وقت اسان نظرياتي فرق يا سياسي لاڳاپن کي ناهيون ڏسندا اسان جي ملڪ ۾ صحافين قربانيون ڏنيون آهن ۽ صحيح آواز اٿارڻ ۾ سندن وڏو ڪردار آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Agha Siraj durani
Sharjeel inaam Memon
karachi
0 تبصرے