ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران مظاهرا، ايس ڊي پي او فهميده عباسي پاران سيڪيورٽي سخت

گذريل ڏينهن وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڪراچي پريس ڪلب پهتي، مختلف تنظيمن پاران مظاهرا به ڪيا ويا

ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران مظاهرا، ايس ڊي پي او فهميده عباسي پاران سيڪيورٽي سخت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي پريس ڪانفرنس ۽ پريس ڪلب ٻاهران مختلف تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرن جي سيڪيورٽي جي نگراني ايس ڊي پي او صدر فهميده عباسي پاڻ ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ڊي پي او صدر فهميده عباسي چيو ته ڪراچي شهر ۾ امن امان جي حوالي سان ليڊيز پوليس سڪيورٽي جا انتظام بهتر ڪيا ويا آهن، هر شهري جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ به اسان جي ذميوارين ۾ شامل آهي، هن چيو ته ليڊيز پوليس پنهنجا فرض نڀائڻ ۾ مرد اهلڪارن کان پوئتي ناهن، ڪراچي ۾ ٿيندڙ مظاهرن دوران ليڊيز اهلڪار پنهنجا فرض قانون موجب ادا ڪندا آهن، واضح رهي ته ڪالهه وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڪراچي پريس ڪلب پهتي جتي هن پريس ڪلب جي ميمبرن سان پيمرا ترميمي بل بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ان کان علاوه ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران ڪراچي متحده دراوڙ فورم پاڪستان پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، جڏهن ته مختلف تنظيمن پاران باجوڙ واقعي خلاف به احتجاج ڪيو ويو ۽ ملي عوامي نيشنل پارٽي پاران به نئين آدمشماري ۽ ڪارونجهر جي نيلامي خلاف احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ ڏاڍاين خلاف به احتجاج ڪيو، مظاهرين اقوام متحدا کان مطالبو ڪيو ته ڀارت جي ڏاڍ ۽ ظلم جو نوٽيس وٺي ڪشميرين کي گڏيل قومن جي ٺهراءُ موجب آزادي سان جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.