گڏاپ جي يار محمد خاصخيلي ڳوٺ ۾ زمين تي مبينا قبضي جي ڪوشش، ڇڪتاڻ، 3 عورتون زخمي

ڳوٺاڻن پاران عورتن ۽ ٻارڙن سميت ڌرڻو هنيو ويو، محمد شريف ڀنڀرو ۽ ٻين تي قبضي ۽ حملي جو الزام

گڏاپ جي يار محمد خاصخيلي ڳوٺ ۾ زمين تي مبينا قبضي جي ڪوشش، ڇڪتاڻ، 3 عورتون زخمي

گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)گڏاپ جي علائقي يار محمد خاصخيلي ڳوٺ ۾ زرعي زمين تي قبضي جي ڪوشش. مزاحمت دوران عورتن ۽ مردن مٿان تشدد. ٽي عورتون سخت زخمي. ڳوٺاڻن جو احتجاج. اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺي زمين تي قبضو ڪندڙ جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو. تفصيل موجب گڏاپ ٽائون جي يار محمد خاصخيلي ڳوٺ جي زرعي زمين تي بااثر قبضا مافيا جي ماڻهن پاران ھٿيارن جي زور تي زبردستي قبضي جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ھٿياربندن عورتن ۽ مردن مٿان سخت تشدد ڪيو تشدد سبب ٽي عورتون سخت زخمي ٿي پيون. متاثر ڳوٺاڻن زيتون بيبي. زينت. زهرا. زاھده. روزينا خاصخيلي. علي نواز. محمد اشرف خاصخيلي. خدابخش خاصخيلي پاران عورتن مٿان تشدد ۽ زمين تي ناجائز قبضو ڪندڙ بااثر محمد شريف ڀنڀرو. غلام مصطفي ڀنڀرو. عبدالغني ڀنڀرو. قادر بخش ڀنڀرو خلاف عورتن. مردن ۽ معصوم ٻارڙن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيوته ھي ڏھ ايڪڙ زمين اسان جي وڏڙن جي ملڪيت آھي اسين ھن جا وارث آهيون. جنھن جو رڪارڊ پڻ اسان جي وڏڙن جي نالي سان موجود آهي. ھنن چيو ته اسين پنھنجي زمين ٺيڪي تي ميان داد کي ڏني ھئي. جنھن اسان جي ڏھ ايڪڙ زرعي زمين محمد شريف ڀنڀري کي وڪرو ڪري ڇڏي آهي. مظاھرين الزام هڻندي چيو ته بااثر شريف ڀنڀرو پنھنجي ھٿياربند ماڻھن غلام مصطفي ڀنڀرو. عبدالغني ڀنڀرو. قادر بخش ڀنڀرو ۽ ٻين کي ساڻ ڪري زبردستي اسان جي زرعي زمين تي ٽريڪٽر ھلرائي ڪم ڪرائي رھيو ھيو منع ڪرڻ تي ھن اسان جي عورتن ۽ مردن مٿان تشدد ڪيو آھي. جنھن جو اطلاع اسين 15 پوليس کي ڏنوسين پر پوليس زمين تي قبضي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بجاء واپس ھلي وئي. ھنن چيو ته اسين گڏاپ ٽائون ٿاڻي تي درخواست کڻي پھتاسين جٿي ٿاڻي تي موجود عملي اسان جو مذاق اڏايو ۽ اھو چئي اسان کي روانو ڪري ڇڏيو ته اوھان وڃون اسين ھنن کي گھرائينداسين پر ھن مھل تائين پوليس جوابدارن خلاف ڪابه قانوني ڪارروائي ناھي ڪئي. ھنن سپريم ڪورٽ. سنڌ ھاء ڪورٽ. سنڌ حڪومت. ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر. آء جي سنڌ. ايس ايس پي ملير کان زمين تي قبضو ڪندڙ جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.