دادو ۾ 10 محرم الحرام تي مفت طبي ڪيمپ قائم ڪئي وئي

فاروق جمالي فائونڊيشن جي صدر عامر فاروق جمالي جي ھدايتن تي ڪيمپ لڳائي وئي

دادو ۾ 10 محرم الحرام تي مفت طبي ڪيمپ قائم ڪئي وئي

دادو (عبدلعزيز ٻٻر) 10محرم الحرام شام غريبان جي موقعي تي فاروق جمالي فائونڊيشن جو صدر حلال احمر ضلع دادو جو چئرمين سردار عامر فاروق جمالي جي ھدايتن تي اھل تشيع ڀائرن مئومنن لاء مفت فرسٽ ايڊ ۽ جنرل مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي ۽ ايمرجنسي لاء فائونڊيشن جي موبائل ايمبولنس ۽ حلال احمر جي طرفان ضلعي سيڪريٽري محمود علي ٻٻر ايمبولنس سروسس پڻ ڏنيون ويون جيئن ڪنھن به قسم جي ايمرجنسي واري صورتحال ۾ ڪم اچي سگھجي. فاروق جمالي فائونڊيشن ۽ حلال احمر جي رضاڪارن عرفان ٻٻر زبير جمالي مھراڻ جمالي انصاف جمالي محمود جمالي پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏني ۽ مفت دوا فراھم ڪئي. سيد فدا حسين شاھ سميت ڪيمپ ۾ ڊي ايڇ او دادو سميت مختلف سياسي سماجي دوست آيا ۽ فاروق جمالي جي صدر ۽ سندس ٽيم لاء نيڪ خواھشون ۽ رضاڪارن جي حوصلا افزائي ڪئي.