ڊپٽي ڪمشنر سجاول پاران سنڌو درياءَ جي مختلف بچاء بندن جو دورو

ڊپٽي ڪمشنر طاھر علي ميمڻ پاڻيءَ جي وهڪري ۽ ٻي سموري صورتحال جو جائزو ورتو

ڊپٽي ڪمشنر سجاول پاران سنڌو درياءَ جي مختلف بچاء بندن جو دورو

سجاول (گلشيرميربحر) ڊپٽي ڪمشنر سجاول پاران سنڌو درياءَ جي مختلف بچاء بندن جو دورو ، پاڻيءَ جي وهڪري ۽ ٻي تمام تر صورتحال جو جائزو , نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي ۽ پرونشل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي پاران جاري ڪيل ھاء الرٽ جي پيش نظر ڊپٽي ڪمشنر طاھر علي ميمڻ ايڪسيئين آبپاشي فريد ميمڻ ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن سان گڏ سنڌو درياءَ جي سورجاڻي ، منارڪي ، ڪوڪا واري ۽ ڪوٽ عالمون جي ھنڌن تي بچاء بندن جو دورو ڪري پاڻيءَ جي وهڪري ۽ ٻي صورتحال جو جائزو ورتو - ان موقعي تي آبپاشي کاتي جي عملدارن ۽ انجنيئرن ڊپٽي ڪمشنر کي پاڻي جي وھڪري ۽ بندن جي جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني - ھن آبپاشي کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي ھدايت ڪئي ته ھو حساس ۽ ڪمزور حفاظتي بندن جي نشاندهي ڪري انھن جي جي مرمت ۽ چوويھ ڪلاڪ نگرانيءَ کي يقيني بڻايو وڃي - ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت ۽ ڪوتاهي ھر گز برداشت نه ڪئي ويندي - ھن چيو ته ڪنهن به جڳهه تي پٿرن ۽ پچنگ يا ٻي ڪنهن مٽيريل جي ضرورت ھجي ته فوري طور تي گھرائي بندن کي محفوظ بڻايو وڃي ته جيئن ڪنهن به قسم جي امڪاني اڻوڻندڙ صورتحال کان بچي سگهجي -