دادو ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي سلسلي ۾ جلسو منعقد

دنيا ۾ ڪا به اهڙي جنگ نه ٿي جتي هڪ پاسي 72 اُڃارا ۽ ٻي پاسي لکين هٿياربند هجن: مقرر

دادو ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي سلسلي ۾ جلسو منعقد

دادو (عبدلعزيز ٻٻر) پوري دنيا جيان دادو ۾ به محرم الحرام جي سلسلي ۾ عظیم الشان جلسہ شان شھداء ڪربلا بمقـــام سيٽزن شاديءَ ھال دادو ۾ ٿي گذريو جلسي کي خصوصي خطاب ڪندي حضرت قبلہ محبوب مرشد دلبر سائين مدني دامت برڪاتهم جن فرمايو ته جيڪڏهن تاريخ کي جانچي ڏسجي ته خبر پوندي ته دنيا ۾ ڪا به اهڙي جنگ نظر نه ايندي جنھن ۾ هڪ پاسي فقط ٻاهتر (72) ڄڻا جنھن ۾ جوان پوڙها ۽ معصوم ٻار شامل هجن ۽ ٻي پاسي انھن جي مقابلي ۾ لکن جي تعداد ۾ هٿيار بند لشڪر هجي. چوڏھن سئو سالن کان ڪائنات گواهه ان غم ۾ روئي رهي آهي. ڪربلا جي ميدان ۾ حضرت امام حسين عليه السلام باطل سان مھاڏو اٽڪائي اسلام جي سر بلنديءَ لاءِ پنھنجي جان جو نذرانو پيش ڪري سموري ڪائنات ۾ اسلام جو پرچم هميشه هميشه جي لاءِ اوچو ڪري ڇڏيو