دادو جي طالب الموليٰ هاءِ اسڪول جا 15سئو کان وڌيڪ شاگرد پاڻي کان محروم

سخت گرمي باوجود پاڻي ۽ بجلي جي سهولت نه هجڻ سبب شاگرد عذاب ۾ مبتلا آهن: مظاهرين

دادو جي طالب الموليٰ هاءِ اسڪول جا 15سئو کان وڌيڪ شاگرد پاڻي کان محروم

دادو (عبدلعزيز ٻٻر) دادو ۾ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول جا 15سئو شاگرد پيئڻ جي پاڻيءَ کان محروم، علائقي واسين پاران شاگردن سميت احتجاج ڪيو ويو آهي، سندن چوڻ هو ته اونهاري جي موڪلن بعد پهرين آگسٽ کان تعليمي ادارا کلي ويا آهن. شاگردن جو وڏو تعداد اسڪول اچي رهيو آهي، پر افسوس اسڪول ۾ پيئڻ جي پاڻي سميت ڪا به بنيادي سهولت ميسر ناهي، گرمي، بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ۽ پاڻيءَ جي اڻهوند سبب ڪيترائي شاگرد بيمار ٿي رهيا آهن. نوٽيس وٺي شاگردن جا مسئلا حل ڪيا وڃن.