گهارو ۾ سنگرار مان اغوا ٿيل پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ عزادارن جي ريلي

2سال 10محرم الحرام تي سبيل ورهائڻ دوران معصوم پريا ڪماري کي اغوا ڪيو ويو: عزدار

گهارو ۾ سنگرار مان اغوا ٿيل پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ عزادارن جي ريلي

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)سکرجي علائقي سنگرار مان 2 سال اڳ امام حسين عليه السلام جي سبيل ورهائڻ دوران گم ٿيندڙ ھندو نياڻي پريا ڪماريءَ جي بازيابي لاء شيعان حيدرڪرار پاران مرڪزي امام بارگاھ گهارو کان سيد حسنين رضا.نواز خاصخيلي. بابو لاشاري. سيد دلشاد شاھ. سيد اياز شاھ جيلاني جي اڳواڻيءَ ۾ عزادارن احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي.پريس ڪلب گهارو اڳيان احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي شيعا اڳواڻن چيو ته 2 سال سکر جي علائقي سنگرار ۾ محرم الحرام جي مهيني ۾ امام حسين عليه السلام جي سبيل ورهائيندي گم ٿي ويئي.جنهن جو هيستائين ڪوبه ڏس پتو ناهي پئجي سگهيوسکر انتظاميا معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاء ھيستائين ڪي به اپاء ناهن ورتا جنهن جي اسان ڀرپورمذمت ڪريون ٿا اسان عزادار امام حسين عليه السلام پرياڪماري جي ڏکي پريوار جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آھيون اڳواڻن وزيراعليٰ سنڌ .آئي جي سنڌ.ڊي آء جي سکر.ايس ايس پي سکر ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته معصوم هندو نياڻي پريا ڪماري کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جودائرو وسيع ڪيو ويندو.