ملير جي مختلف علائقن ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري

گوهر گرين سٽيء ۾ سبيل جو خاص اهتمام، معصوم ٻارڙن پاران سبيل پيش ڪئي وئي

ملير جي مختلف علائقن ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري

ملير ( نمائندو) ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، ملير جي مختلف علائقن ۾ عزاداري، مجلسون منعقد ڪري سبيلن جو خاص اهتمام پڻ ڪيو پيو وڃي. ملير جي ٻين علائقن جيان گوهر گرين سٽيء جي مومنن پاران به ڪربلا جي اڃايلن جي ياد ۾ سبيل جو خاص اهتمام ڪيو ويو. ان موقعي تي معصوم ٻارڙن پاڻي، شربت ۽ جوس جي سبيل هلائي. سبيل جو اهتمام ڪندڙ سيد آل رضا ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪربلا ۾ يزيدي فوج اهل بيت جي معصوم ٻارڙن کي به اڃايل رکيو هو، اهل بيت جي ان عظيم قربانيء جي ياد ۾ محرم الحرام ۾ سبيلن جو اهتمام ڪري شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي آهي.