امام حسين عھ جي شھادت مقتل کي مڪتب ۾ تبديل ڪري ڇڏيو:عالم

قرآن کي عملي زندگيءَ ۾ شامل نه ڪرڻ ئي معاملات جي خرابي جو ڪارڻ آهي. شهر علم کي مڃڻ وارن کي علم جي راهه نه ڇڏڻ گهرجي

امام حسين عھ جي شھادت مقتل کي مڪتب ۾ تبديل ڪري ڇڏيو:عالم

ڪراچي (رپورٽر) اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ يوم امام حسين (ع) جي تقريب کي خطاب ڪندي عالمن چيو آهي ته سيد الشهدا امام حسين (ع) ناطق قرآن آهن، قرآن کي عملي زندگيءَ ۾ شامل نه ڪرڻ ئي معاملات جي خرابي جو ڪارڻ آهي. شهر علم کي مڃڻ وارن کي علم جي راهه نه ڇڏڻ گهرجي، الله عزت ۽ ذلت ڏيڻ وارو آهي، ان ئي ذلت جو طوق يزيد جي ڳچيءَ ۾ وڌو، امام عالي مقام ۽ ان جي رفيقن جي قرباني ڪا قيامت فتح جي دليل آهي. امام حسين جي شھادت مقتل کي مڪتب ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ۽ مڪتب به اھو جيڪو عالمگير آھي. ھنن اھڙو اظھار اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ يوم حسين ڪميٽي جي زير اهتمام محمود عالم آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿيل يوم امام حسين عليه السلام کي خطاب ڪندي ڪيو.قرآن پاڪ جي فلسفي تي روشني وجهندي مرڪزي اسپيڪر ڊاڪٽر ذڪي باقري چيو ته امام حسين (ع) جو ڪٽيل سر قرآن جي تلاوت ڪري ثابت ڪري ٿو ته قرآن ۽ اهل بيت جدا نه آهن، هن شاگردن تي زور ڏنو ته توھان پاڻ کي روزاني جي بنياد تي 10 قرآني آيتون ترجمي سان پڙهڻ جو پابند بڻايو، هن چيو ته قرآن الله جو ڪلام آهي،جڏهن ته آل محمد (ع) ناطق قرآن آهن.هن چيو ته نظرياتي فڪر کي عمل ۾ نه آڻڻ جو وڏو سبب قرآن کان دوري آهي.اهل سنت جي مشهور اسڪالر ڊاڪٽر جميل راٺوڙ چيو آهي ته مان سمجهان ٿو ته ڪربلا جي واقعي تقسيم کي مٽائي ڇڏيو آهي، هاڻي دنيا ۾ صرف ٻن قسمن جا ماڻهو آهن، حسيني يا يزيدي، الله رب العزت عزت ۽ ذلت جو مالڪ آهي، جنهن يزيد جي ڳچيءَ ۾ ذلت جو طوق رکيو. هن چيو ته يزيد کي خبر هئي ته مان جبري طور گردنن تي مسلط ڪيو ويو آهيان جڏهن ته دلين جو بادشاهه ۽ شاهه حسين رضه آھي. يوم حسين کي خطاب ڪندي ناليواري اسڪالر آيت الله عقيل الغروي چيو ته علم جي شهر سان وابسته رهندڙن کي گهرجي ته هو نامناسب حالتن ۾ به علم ۽ معرفت سان وابسته رهن،هن چيو ته رحلت امام حسين (ع) هڪ درسگاهه ۾ تبديل ٿي وئي آهي، جڏهن ته هن عالمگير درسگاهه ۾ هر رنگ ۽ نسل جا ماڻهو موجود آهن، جيڪي بنا فرق جي حسيني آهن. ڊاڪٽر ساره ڪاظمي ڪربلا ۾ عورتن جي ڪردار جو ذڪر ڪندي چيو ته ڪائنات ۾ هميشه ٻه قوتون رهيون آهن، هڪ اها قوت آهي جيڪا خدا جي حڪم جي پيروي ڪندي آهي ۽ ٻي اها قوت آهي جيڪا خدائي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندي پنهنجو حڪم ڏيکاريندي آهي. يوم حسين تقريب ۾ جسٽس مقبول باقر، ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد نعمان، جي ڊي سي جي ظفر عباس، وائيس چانسلر جو ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ دانش الرحمان، ڊاڪٽر حسن اوج، ڊاڪٽر اصغر علي ۽ وڏي انگ ۾ عزادارن شرڪت ڪئي. رجسٽرار سيد غضنفر حسين يوم حسين عه ڪميٽي جي رضاڪارانه ڪوششن کي ساراهيو، جنهن ۾ معزز مهمانن، استادن، اسٽاف ۽ شاگرد شامل هئا، جڏهن ته يوم حسين عه جي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن سويڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي خلاف مقدس ڪتاب ھٿن ۾ کڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو.