واٽر بورڊ شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ سٺا قدم کڻي رهيو آهي:انجنيئر سيد صلاح الدين احمد

انشاءَ الله تمام جلد ميئر ڪراچي جي قيادت ۾ واٽر بورڊ هڪ مثالي ادارو بڻجي اڀرندو

واٽر بورڊ شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ سٺا قدم کڻي رهيو آهي:انجنيئر سيد صلاح الدين احمد

ڪراچي: ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جي خاص هدايت تي واٽر بورڊ شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ سٺا قدم کڻي رهيو آهي، انشاءَ الله تمام جلد ميئر ڪراچي جي قيادت ۾ واٽر بورڊ هڪ مثالي ادارو بڻجي اڀرندو، اهڙن خيالن جو اظهار سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران سيڪيورٽي کاتي واٽر بورڊ جي ملازمن جا طبي مسئلا فوري حل ڪرڻ ۾ ذاتي دلچسپي وٺندي ۽ کين علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ عظميٰ ڪنسلٽنسي جي سهڪار سان اي بلاڪ ايم ڊي سيڪريٽريٽ ڪارساز شاهراھ فيصل ۾ ٻن ڏينهن واري مفت طبي ڪيمپ جي دوري دوران ڪيو، هن جو چوڻ هو تہ واٽر بورڊ جي ملازمن کي فوري طور تي بهتر طبي سهولتون ۽ صحتمند ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ ان حوالي سان انتظاميا پاران ملازمن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ سٺا قدم کنيا پيا وڃن جڏهن تہ ٻئي مرحلي ۾ واٽر بورڊ جي هيلٿ ورڪرن ملازمن جي لاءِ مفت طبي ڪئمپ لڳائي ويندي، هن چيو تہ مان عظميٰ ڪنسلٽنسي جي انتظاميا سميت سيد عمران زيدي، نثار احمد مگسي ۽ رٽائرڊ ميجر عبدالمجيد اعواڻ کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن جي سهڪار سان اڄ هڪ ڪامياب مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي آهي جنھن مان ملازمن جو وڏو انگ مستفيض ٿي رھيو آھي، ان موقعي تي ميڊيڪل ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر عظميٰ مفت طبي ڪيمپ بابت تفصيل ڏيندي چيو تہ واٽر بورڊ آفيس ۾ عظميٰ ڪنسلٽنسي جي سهڪار سان مفت ميڊيڪل ڪيمپ صبح 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين جاري رھي جنهن مان واٽر بورڊ جا 128 ملازمن مستفيض ٿيا جڏهن تہ ڄاڻايل ميڊيڪل ڪيمپ ۾ پي سي آر، سي بي سي، بلڊ شگر، بي سي ٽي، ٽي بي سميت ٻيون مفت ٽيسٽون ڪيون ويون، ان موقعي تي انجنيئرز اينڊ آفيسرز ايسوسيئيشن واٽر بورڊ سميت ٻين آفيسرن ۽ ملازمن پاران سي اي او واٽر بورڊ کي فري ميڊيڪل ڪيمپ منعقد ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪندي کين خراج تحسين پڻ پيش ڪيو.