ڪراچي: صنعان خان قريشي جي سيد جلال محمود شاھ سان ملاقات

سنڌ جي اهم مسئلن تي گڏيل جدوجهد کي تيز ڪرڻ تي اتفاق

ڪراچي: صنعان خان قريشي جي سيد جلال محمود شاھ سان ملاقات

ڪراچي: جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي ڪراچي ڊفينس واري بنگلي تي ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاھ سان ملاقات، سنڌ جي اهم مسئلن تي گڏيل جدوجهد کي تيز ڪرڻ اتفاق، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي ڪراچي ڊفينس واري بنگلي تي ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاھ سان عيادت ڪئي، ان موقعي تي جسقم چيئرمين چيو ته سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي سنڌ کي بچائڻ گڏيل جدوجهد جي ضرورت آهي، جسقم سيد جلال محمود شاھ جي قيادت ۾ سنڌ جي سمورن مسئلن تي جدوجهد لاءِ تيار آهي، سنڌ ايڪشن ڪميٽي هوندي ڪنهن ٻئي اتحاد جي ضرورت ناهي، جسقم چيئرمين چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلو هوندي به سنڌ سرڪار سنڌ مان افغانين سميت سمورن غير قانوني ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، سنڌ ۾ ڌاري آبادي اسٽريٽ ڪرائيم ڪرڻ سان گڏ منشيات ۽ هٿيارن جو وڪرو ڪري پئي، جسقم چيئرمين چيو ته حڪمرانن وقت کان پهرين ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي قيمتي زمينن تي والار ڪري غير قانوني هائوس اسڪيمون جوڙيو وڃن پيو، جڏهن ته جلال محمود شاھ چيو ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي موجود آهي، جنهن جو محرم الحرام کان پهرين ڄامشورو ۾ اجلاس سڏائي سنڌ جي اهم مسئلن تي گڏيل جدوجهد لاءِ غور ويچار ڪيو ويندو، سيد جلال محمود شاھ عيادت ۽ ملاقات وقت سيد منير حيدر شاھ، جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام، ڏاڏو اطهر سومرو، اشرف ڪلھوڙو ۽ بيا موجود هئا.