قومپرست اڳواڻن پاران خالد مقبول صديقي جي سنڌ دشمن بيان جي سخت مذمت

متحدا وارا سنڌ کي ڌرتي ماءُ نٿا سمجهن ته واپس هليا وڃن: قومپرست اڳواڻ

قومپرست اڳواڻن پاران خالد مقبول صديقي جي سنڌ دشمن بيان جي سخت مذمت

حيدرآباد(رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ جي قومپرستن خالد مقبول صديقي جي بيان تي سخت رد عمل ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم وارا سنڌ کي ڌرتي ماءُ نٿا سمجهن ته هتان واپس هليا وڃن جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته خالد مقبول تاريخ جو ڄاڻو ناهي، هن کي ٻڌائڻ گهران ٿو ته سنڌ تاريخي طور تي آزاد وطن رهيو آهي، سنڌ پنج هزار سال تهذيب رکندڙ تاريخي وطن آهي سندس چوڻ هو ته اها به تاريخي حقيقت آهي ته مهاجرن جو ڪو به وطن ناهي رهيو، سڄي دنيا ۾ مهاجرن جي رهڻ لاءِ ڪيمپ قائم ٿيل آهن پر سنڌ مهاجرن کي پنهنجي هنج ۾ جاءِ ڏني، عزت ڏني، جنهن سبب اڪثريت اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ سنڌ کي سنڌين جا پنهنجي ماءُ سمجهي ٿي، پر ڪجھه شيطان صفت، نمڪ حرام خالد مقبول جهڙا آهن جيڪي سنڌ سان نمڪ حرامي ڪري رهيا آهن، جيڪي پنهنجي ڪوڙي سياست کي قائم رکڻ لاءِ سنڌ جي وحدت خلاف ڳالهائي رهيا آهن، جيڪو سنڌ ڪڏهن به برداشت نه ڪندي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي وڌيڪ چيو ته سنڌ کي ماءُ سمجهندڙ اردو آبادي کي خالد مقبول جهڙڻ ماڻهن جو گهيراءُ ڪرڻ گهرجي، خالد مقبول مهاجر آهي کيس مهاجر ڪيمپ ۾ ترسايو وڃي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو ۽ وائيس چيئرمين نواز شاه ڀاڏائي چيو ته ايم ڪيو ايم هميشه اردو ۽ سنڌي طبقي کي اهڙي قسم جو زهر اوڳاڇي وڙهائڻ جي ناپاڪ سازش ڪندي رهي ٿي پر کيس ان ناپاڪ سازش ۾ هو ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين هنن چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم اڳواڻ سنڌ کي ماءِ نه ٿا سمجهن ته هو واپس پنهنجي ملڪ هليا وڃن ، جسم اڳواڻن خالد مقبول جي بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي خبردار ڪيو ته اڃا سنڌ جا حوالي پٽ موجود آهن اهي هڪ انچ تي وار به برداشت نه ڪندا قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته هو سمجهن ٿا ته ايم ڪيو ايم اڃا تائين ذهني طور سنڌ کي قبول ئي ناهي ڪيو جنهن ڪري هو هر وقت سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪندا رهن ٿا پر کين ڀل آهي ته سنڌ هزارين سالن کان اسان جو وطن آهي جنهن ڪري سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪندڙ ڀلي خوابن جي دنيا ۾ گم رهن هن چيو ته جيڪڏهن خالد مقبول صديقي سنڌ کي ماءِ نه ٿو سمجهي ته پنهنجي اباڻي ملڪ هندستان هليو وڃي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار ۽ ٻين چيو ته ڪراچي کي صوبو ٺاهڻ جون سازشون ڪندڙ دهشتگردن کي آمريڪا سامراج جي پٺڀرائي آهي هنن چيو ته ڪراچي سنڌ جو اڻ ٽٽ حصو آهي، سنڌي عوام پنهنجي ڌرتي جي انچ انچ جي حفاظت ڪندو، عالمي سامراجي قوتون پاڪستان ۾ خانا جنگي ڪرائڻ چاهين ٿيون جنهنڪري انهن سندن پالتو دهشتگردن ذريعي سنڌ جي وحدت تي حملا ڪرائي ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي سازش سٽي آهي سندن چوڻ هو ته سنڌ اسيمبليء 1943ع ۾ قرارداد پاس ڪري هڪ خودمختيار رياست جي حيثيت ۾ هڪ وفاقي ملڪ ۾ شموليت ڪئي جنهن جي نتيجي پاڪستان ٺهيو، سنڌ اسيمبلي جي قرارداد کانسواءِ پاڪستان جو ٺهڻ ممڪن نه هو، ملڪ جي باني صوبي سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪندڙ ملڪ دشمن قوتن جا ايجنٽ آهن