ڪوئلي جي کاڻين تي ڪم ڪندڙ ٽرانسپوٽ تي رائلٽي مافيا ڳرا ٽيڪس مڙھيا آھن: سيد نواز شاهه ڀاڏائي
ٺٽو( شفيق ڀٽي)جھرڪ, امجد شوري جي گرفتاري خلاف جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين سيد نواز شاهه ڀاڏائي جي اڳواڻي نيشنل ھاء وي تي ڌرڻو روڊ بلاڪ ٽريفڪ معطل نواز شاهه ڀاڏائي جو چوڻ آھي تـ مقامي ڪوئلي جي کاڻين تي ڪم ڪندڙ ٽرانسپوٽ تي رائلٽي مافيا ڳرا ٽيڪس مڙھيا آھن جنھن سان غريب پورھيت طبقو متاثر ٿي رھيو آھي اھڙي روش خلاف احتجاج ڪرڻ جي ڏوھ ۾ جيئي سنڌ محاذ ضلع صدر امجد شوري کي گرفتار ڪيو ويو آھي جيڪو قابل مذمت عمل آھي ٺٽي ضلع کي پوليس اسٽيٽ بڻايو ويو آھي پنھجي جائز مطالبن جي مڃتا لاء روڊن تي اچي پرامن احتجاج ڪندڙن کي پوليس گرفتار پئي ڪري ڌرتي ڌڻين جا ڳوٺ پوليس پئي ڊاھي ڳوٺ عارب سولنگي جو ڊھڻ ان ڳالھ جو مثال آھي ڪوئلي تي اڳ ۾ ئي ٻاھران آيل ڌارين جو قبضو آھي مقامي ماڻھن سان ٻـ اکيائي جاري آھي تازو سرڪاري ڌر سان لاڳاپيل ٺيڪيدارن رائلٽي جي آڙ ۾ ٽيڪسن ۾ اضافو ڪيو آھي جنھن سان ٽرانسپوٽر ڊرائيور توڙي عام مزدور متاثر ٿي رھيا آھن ھن اعلان ڪيو ته امجد شوري جي آزادي تائين ڌرڻو جاري رھندو
0 تبصرے