ٻيلو شھر ۽ ڀرپاسي منشيات جي وڪري خلاف ريلي

ڳوٺ محمد خان ٻجورو کان ٻيلي شهر تائين ريلي ڪڍي وئي

ٻيلو شھر ۽ ڀرپاسي منشيات جي وڪري خلاف ريلي

سجاول (رپورٽر) ٻيلو شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ منشيات جي ڪاروبار خلاف نوجوانن جو احتجاجي ريلي، سجاول ۽ ٺٽي ضلعن ۾ منشيات جو وڪرو روڪڻ جو مطالبو. سجاول ضلعي جي شھر ٻيلو جي ٻجورا برادري جي نوجوانن پاران علائقي ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ منشيات جي عام واپرائڻ خلاف ڳوٺ محمد خان ٻجورو کان ٻيلي شهر تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ نوجوانن منشيات فروشن خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ حڪومت کان فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. ريلي جي اڳواڻي ايڊووڪيٽ اعجاز ٻجورو، احسان عيسيٰ ٻجورو، نور نبي ٻجورو، اقبال ٻجورو، آفتاب احمد ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو تہ منشيات جو ڪاروبار سماج لاءِ هڪ سنگين ناسور بڻجي چڪو آهي، جنهن سبب نوجوان نسل تيزي سان تباهي جي ور چڙهي رهيو آهي، جڏهن تہ لاڳاپيل ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن. مظاهرين چيو تہ سجاول ۽ ٺٽي ضلعن جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ منشيات کليل نموني وڪرو ٿي رهي آهي. هنن دعويٰ ڪئي تہ ٻيلو، دڙو، بٺورو، سجاول، چوھڙ جمالي، جاتي، شاهبندر، ٻڍو ٽالپر ۽ ٻين علائقن ۾ چرس، آئس، گٽڪو ۽ ٻين نشي آور شين جي آساني سان دستيابي سبب نوجوان وڏي انگ ۾ ان لت جو شڪار بڻجي رهيا آهن، جيڪو انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. احتجاج ڪندڙن وڌيڪ چيو تہ جيڪڏهن بروقت منشيات جي واپار خلاف بنا امتياز سخت قانوني ڪارروائي نہ ڪئي وئي تہ ايندڙ نسل جو مستقبل سخت خطري ۾ پئجي ويندو. هنن حڪومت، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو تہ منشيات فروشن خلاف بنا فرق جي سخت آپريشن ڪيو وڃي، منشيات جي فراهمي جا سمورا ذريعا ختم ڪيا وڃن ۽ نوجوانن کي هن موذي لعنت کان بچائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي عملي قدم کنيا وڃن. ريلي جي شرڪت ڪندڙن خبردار ڪيو تہ جيڪڏهن منشيات جي خاتمي لاءِ سنجيده ۽ اثرائتا قدم نہ کنيا ويا تہ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو ۽ ضلعي سطح تي بہ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.