English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
هڱورجا ۾ جسقم بشير قريشي پاران ٻٻرلوءِ ڌرڻي تي پوليس ڪاھھ ۽ گرفتارين خلاف ڌرڻو
4 views
|
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
مجيب آزاد ڀيلار، ڪرم خان سامٽيو ۽ قلب عباس سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ھنيو ويو
هڱورجا(رپورٽر)جسقم پاران پريا ڪماري سميت گم ٿيل ٻارن جي بازيابي ۽ ٻٻرلوءِ واقعي خلاف احتجاجي ريلي، پريس ڪلب آڏو ڌرڻو، تفصيل موجب جسقم شهيد بشير خان قريشي جي سڏ تي هنڱورجا ۾ پريا ڪماري سميت گم ٿيل ٻارن جي بازيابي، ٻٻرلوءِ ۾ پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي جي احتجاجي ڌرڻي تي مبينا پوليس تشدد ۽ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن جي گرفتارين خلاف جسقم پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا پنجهٽي چوڪ کان شروع ٿي شهر جي مختلف رستن تان گذرندي پريس ڪلب هنڱورجا آڏو پهتي، جتي ڪارڪنن ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي.ريلي ۽ ڌرڻي جي اڳواڻي جسقم جي مرڪزي اڳواڻ مجيب آزاد ڀيلار، ڪرم خان سامٽيو ۽ قلب عباس سولنگي ڪئي، جڏهن ته وڏي انگ ۾ جسقم ڪارڪنن، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. احتجاج ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا، جن تي پريا ڪماري ۽ ٻين گم ٿيل ٻارن جي بازيابي، گرفتار ڪارڪنن جي آزادي ۽ مبينا پوليس تشدد خلاف نعرا درج هئا.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ٻٻرلوءِ ۾ پريا ڪماري سميت 25 گم ٿيل معصوم ٻارن جي بازيابي لاءِ پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي پاران پرامن احتجاجي ڌرڻو جاري هو، جنهن تي پوليس مبينا طور لٺبازي ڪري سهڻي پارس، پنهل ساريو، لياقت جلباڻي ۽ ٻين ڪارڪنن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو، جيڪو جمهوريت، انساني حقن ۽ اظهار جي آزادي تي کليل حملو آهي.هنن چيو ته پرامن احتجاج هر شهري جو آئيني ۽ جمهوري حق آهي، جنهن کي طاقت جي زور تي دٻائڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. هنن وڌيڪ چيو ته پريا ڪماري سميت گم ٿيل ٻارن جي بازيابي لاءِ آواز اٿاريندڙ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو، پر عوام ۾ بيچيني وڌيڪ وڌندي.احتجاج ڪندڙ اڳواڻن حڪومت، پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته گرفتار ڪيل سمورن ڪارڪنن کي بنا دير آزاد ڪيو وڃي، مٿن داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس فوري طور ختم ڪيا وڃن، پريا ڪماري سميت سمورن گم ٿيل ٻارن کي جلد کان جلد بازياب ڪري سندن وارثن حوالي ڪيو وڃي. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبن تي عمل نه ڪيو ويو ته احتجاجي تحريڪ کي سنڌ جي ٻين شهرن تائين وڌايو ويندو، جنهن جي سموري ذميواري حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن تي عائد ٿيندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
گجو ويجهو پاڻي ڀرڻ ويندڙ عورت روڊ حادثي ۾ فوت، قومي شاهراهه تي 4 ڪلاڪ ڌرڻو
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جي رڻ واري علائقي ۾ هڪ ٻار برساتي پاڻي ۾ ٻُڏي فوت، ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ اي ڊي سي ون جي صدارت ھيٺ اجلاس
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف پيپلز پارٽي جي ريلي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
هڱورجا ۾ جسقم بشير قريشي پاران ٻٻرلوءِ
0 تبصرے