جمهوريت رڳو ووٽن جي ڳڻپ جو نالو ناهي جمهوريت ان حق جو نالو آهي جنهن ۾ هڪ عام شهري بنا خوف ۽ بنا جبر جي پنهنجي ڳالهه چئي سگهي هڪ شاگرد پنهنجي مستقبل بابت سوال ڪري سگهي، هڪ سياسي ڪارڪن ظلم خلاف آواز اٿاري سگهي ۽ هڪ صحافي قلم وسيلي سچ لکي سگهي. جڏهن انهن حقن تي پابندي لڳائي وڃي ٿي ته پوءِ سوال اڀري ٿو ته اسان جمهوريت ۾ جيئون ٿا يا جمهوريت جي نالي ۾ ڪنهن اڻ اعلانيل خوف جي دور مان گذري رهيا آهيون؟اڄ ملير جي پپري شاهه ٽائون ۽ رزاق آباد ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو صرف هڪ پوليس آپريشن نه هو پر اهو اظهارِ راءِ جي آزادي، سياسي شعور ۽ بنيادي انساني حقن تي هڪ اهڙو وار هو، جنهن کي تاريخ خاموشي سان معاف نه ڪندي.
"هي سين نه ڏيندي چين" صرف هڪ نعرو ناهي، پر اهو سنڌ جي سياسي ۽ قومي شعور جي سڃاڻپ آهي. جڏهن به سنڌ جي نوجوانن پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ماڻهن ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ آواز بلند ڪيو آهي ته کين جيلن، لٺين ۽ پابندين سان منهن ڏيڻو پيو آهي. افسوس جو اڄ به تاريخ پاڻ کي ورجائي رهي آهي پرامن احتجاج ڪندڙ نوجوانن جو ڏوهه ڇا هو؟ ڇا انهن هٿيار کنيا هئا؟ ڇا انهن سرڪاري ملڪيت کي نقصان پهچايو هو؟ ڇا انهن تشدد جو رستو اختيار ڪيو هو؟ نه! انهن جو ڏوهه صرف اهو هو ته هو لاپتا نياڻين پريا ڪماري، فضيله سرڪي ۽ اجالا سولنگي جي بازيابي لاءِ آواز اٿاري رهيا هئا. هو پنهنجي ڌرتي جي نياڻين جي تحفظ جو مطالبو ڪري رهيا هئا. هو انسانيت جي ڳالهه ڪري رهيا هئا.
هٿن ۾ بينر هئا، زبان تي نعرا هئا ۽ دلين ۾ پنهنجي ماڻهن لاءِ درد هو. پر افسوس! انهن جي هٿن ۾ بينرن بدران پوليس هٿڪڙيون وجهي ڇڏيون.پوليس کي به مبارڪون هجن! ايس ايڇ او بن قاسم کي مبارڪون، ايس ايڇ او شاهه لطيف کي مبارڪون ۽ انهن آفيسرن کي به مبارڪون، جن هٿين خالي نوجوانن کي اهڙي بهادري سان گرفتار ڪري قانون جي بالادستي جو اهو مثال قائم ڪيو، جيڪو شايد تاريخ جي ورقن ۾ هڪ سوال بڻجي لکيو ويندو. اميد آهي ته اهڙي "ڪارڪردگي" تي کين سونا ٻلا به عطا ڪيا ويندا، ڇو ته انهن جمهوريت کي آڱوٺو ڏيکارڻ ۾ پنهنجو فرض ڀرپور نموني ادا ڪيو آهي پر سوال اهو آهي ته جيڪڏهن نوجوان پنهنجي لاپتا ڀينرن جي بازيابي لاءِ به احتجاج نه ڪري سگهن ته پوءِ جمهوريت جو مطلب ڇا بچي ٿو؟ جيڪڏهن هڪ سياسي تنظيم کي عوامي پريس ڪلب تائين پهچڻ کان روڪيو وڃي ته پوءِ سياسي آزادي ڪٿي بيٺي آهي؟ جيڪڏهن شاگردن ۽ سياسي ڪارڪنن کي پنهنجي راءِ ڏيڻ جي سزا گرفتارين جي صورت ۾ ملي ته پوءِ آئين جي انهن شقن کي ڪهڙي الماري ۾ بند ڪيو ويو آهي، جيڪي اظهارِ راءِ ۽ پرامن گڏجاڻين جي آزادي جي ضمانت ڏين ٿيون؟اڄ عوامي پريس ڪلب ملير کي به گهيرو ڪيو ويو. اهو ساڳيو پريس ڪلب آهي، جيڪو هميشه قلم، دليل ۽ جمهوريت جي ڳالهه ڪندو رهيو آهي. جڏهن پريس ڪلبن جا دروازا سياسي ڪارڪنن لاءِ بند ٿيڻ لڳن ته سمجهڻ گهرجي ته سماج ۾ خاموشي جو خوف وڌي رهيو آهي دفعه 144 جي قانوني حيثيت پنهنجي جاءِ تي موجود آهي، پر ڇا هر قانون جو مقصد شهرين جي حقن جو تحفظ ناهي؟ جيڪڏهن قانون انساني حقن کي تحفظ ڏيڻ بدران سياسي آواز کي خاموش ڪرڻ جو ذريعو بڻجي وڃي ته پوءِ ان قانون جي اخلاقي ۽ جمهوري حيثيت تي سوال اٿارڻ هر باشعور شهري جو حق آهي.
تاريخ شاهد آهي ته سياسي تحريڪن کي گرفتارين سان ختم نٿو ڪري سگهجي. خيالن کي جيلن ۾ بند نٿو ڪري سگهجي. نوجوانن جي شعور کي هٿڪڙيون نٿيون لڳائي سگهجن. دنيا جي ڪنهن به معاشري ۾ جبر مستقل سياسي حل نه رهيو آهي.سنڌ جي تاريخ ۾ شاگردن، اديبن، شاعرن ۽ سياسي ڪارڪنن جمهوريت ۽ انساني حقن لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. سنڌ جي سياسي جدوجهد هميشه قلم، دليل ۽ جمهوريت جي رستي سان هلي آهي. جيڪڏهن اڄ به نوجوان پنهنجي لاپتا ڀينرن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪن ٿا ته انهن کي سلام پيش ڪرڻ گهرجي، نه ڪي کين ٿاڻن ۾ بند ڪرڻ گهرجي.
هيءُ سوال صرف جيئي سنڌ جي مختلف ڌڙن يا ڪنهن هڪ سياسي تنظيم جو ناهي، هيءُ سوال هر ان شهري جو آهي، جيڪو جمهوري قدرن تي يقين رکي ٿو. اڄ جيڪڏهن هڪ سياسي آواز کي خاموش ڪيو ويندو ته سڀاڻي ڪنهن ٻئي جي باري ايندي. خاموش رهندڙ سماج آخرڪار پنهنجي آزادي به وڃائي ويهندو آهي اسان کي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته رياست جي طاقت جو حسن ان جي برداشت ۾ هوندو آهي. هڪ مضبوط رياست تنقيد کان نه ڊڄندي آهي، پر ڪمزور حڪمراني هميشه اختلافي آواز کان خوفزده رهندي آهي.
پريا ڪماري هجي، فضيله سرڪي هجي يا اجالا سولنگي، اهي صرف نالا ناهن، پر انهن سان جڙيل خاندانن جون اميدون آهن. انهن جي بازيابي جو مطالبو ڪرڻ ڪنهن به طرح سان ڏوهه قرار نٿو ڏئي سگهجي. جيڪڏهن انهن جي لاءِ آواز اٿارڻ جرم آهي ته پوءِ انسانيت جي لغت مان حق ۽ انصاف جا لفظ به ختم ڪرڻا پوندا.جمهوريت جو حسن اختلاف ۾ آهي، اختلاف کي جبر سان دٻائڻ ۾ نه. پوليس جي ذميواري امن امان قائم رکڻ آهي، پر امن امان جي نالي تي سياسي ۽ جمهوري سرگرمين کي مڪمل طور روڪڻ ڪنهن به جمهوريت لاءِ سٺو سنئوڻ ناهي اڄ ملير جي گهٽين مان هڪ سوال گونجي رهيو آهي؛ ڇا اسان جي نوجوانن کي پنهنجي لاپتا ڀينرن لاءِ آواز اٿارڻ جو به حق ناهي؟ ڇا جمهوريت رڳو حڪمرانن جي تقريرن تائين محدود آهي يا اها عوام جي حقن سان به جڙيل آهي؟هي سين اڃا به چين نه ڏيندي. ڇاڪاڻتہ جتي سوال زنده هوندا آهن، اتي شعور به زنده رهندو آهي. جتي شعور زنده هوندو آهي، اتي جمهوريت جي بحالي جي اميد به زنده رهندي آهي اڄ جمهوريت تي مارشل جي دانگي ضرور لڳي آهي، پر تاريخ گواهه آهي ته قلم جي مس هميشه لٺ جي زور کان وڌيڪ طاقتور ثابت ٿي آهي.
0 تبصرے