ڏوڪري ۾ جسقم جي مرڪزي سڏ تي ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاج

سنڌ امن جي ڌرتي آهي، ڌارين جي آبادڪاري سان ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ويندا: اڳواڻ

ڏوڪري ۾ جسقم جي مرڪزي سڏ تي ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاج

ڏوڪري (اطهر ميمڻ) جسقم مرڪزي سڏ تي جسقم ڏوڪري طرفان سنڌ ۾ افغانين سميت ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاج. تفصيل موجب جسقم مرڪز جي اعلانيل سنڌ ۾ رهندڙ افغانين کي نيڪالي ڏيو تحت جسقم ڏوڪري طرفان رڪ سنڌي، سمير ڀنڊ، ظهور ديشي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري کي خطاب ڪندي مٿين اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ امن جي ڌرتي آهي جتي بنا ڪنهن رنگ نسل جي صدين کان ماڻهو رهائش پذير آهن ڪجھ عرصي کان وٺي سامراجي قوتن سنڌ صوبي ۾ افغانين سميت ڌاري آبادڪاري کي هٿي وٺرائي سونهاري سنڌ کي داغدار بڻائي رهيا آهن جنهن جي اسين مذمت ڪريون ٿا سنڌ صوبي ۾ جتي پيار ۽ محبت جون صدائون هونديون هيون اتي ڌاري آبادڪاري سبب هر طرف نفرت جو ٻج ڇٽيو ويو آهي افغانين هيروئن، ڪلاشنڪوف ڪلچر کي سنڌ صوبي ۾ متعارف ڪرائي سنڌ ڌرتيءَ جي پاڪ مٽي کي پنهنجي ناپاڪ ارادن سان پليٽ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن جنهن جي اسين سنڌي قوم اهڙن عملن جي مذمت ڪريون ٿا، جسقم جو هر هڪ اڳواڻ توڙي ڪارڪن پنهنجي ڌرتي ماءُ جي حفاظت لاءِ هر صف اول جو ڪردار ادا ڪندو رهندو اسين پنهنجي سنڌي ماڻهن کي اپيل ٿا ڪريون ته افغانين کي تڙي ڪڍڻ لاءِ اچو ته سڀ گڏجي جسقم جو ساٿ ڏيون ۽ پنهنجي ڌرتي ماءُ لاءِ عملي طور تي ميدان ۾ نڪرڻو پوندو نه ته ٻي صورت ۾ اسان جي صوبي سنڌ ۾ روزانو سازش تحت ڌاري آبادڪاري ڪرائي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويندو ان لاءِ سڀني کي ويڇا وساري پنهنجي ٻولي، ثقافت کي بچائڻ لاءِ اسان جو ساٿ ڏيو ته جيئن سنڌ ۾ رهندڙ سمورن ڌارين کي نيڪالي ڏئي سگهون ۽ پنهنجي وسيلن جي مالڪي ڪريون،اسين رياست کان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ ۾ رهندڙ سڀني افغانين سميت رهندڙ سمورن ڌارين کي بنا دير نيڪالي ڏني وڃي ٻي صورت ۾ اسان جو هي احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.