English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پپري ۾ واپاري جي گهر تي مبينا قبضي خلاف واپارين جو سخت احتجاج
155 views
|
17th May 2026
•
سنڌي خبرون
غلام مصطفيٰ اعواڻ 2019ع ۾ پلاٽ خريد ڪري گهر ٺاهيو پر ان تي قبضو ڪيو ويو: واپاري اڳواڻ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پپري ۾ واپاري غلام مصطفي اعواڻ جي گهر تي مبينا زبردستي قبضي واري معاملي خلاف پپري جي واپارين سخت احتجاج ڪندي باقاعده احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔ ان سلسلي ۾ انجمن تاجران پپري جي چيئرمين غلام مصطفيٰ راهوجو، صدر امير جهتيال، غلام مصطفي اڳواڻ ۽ ٻين اڳواڻن عوامي پريس ڪلب ۾ پرهجوم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مقامي واپاري ۽ گهر مالڪ غلام مصطفيٰ اعواڻ سال 2019ع ۾ پلاٽ خريد ڪري پنهنجي گهر جي اڏاوت مڪمل ڪئي، پر بعد ۾ رشيد گبول، محمد گبول ۽ سندن ساٿين مبينا طور گهر تي زبردستي قبضو ڪري ورتو۔ هنن چيو ته رشيد گبول ۽ سندس ساٿين تي دهشتگردي، لينڊ گربنگ، ۽ جهڳڙن جا ڪيترائي ڪيس داخل آهن جنهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي واپاري اڳواڻن الزام هڻندي چيو ته معاملي بابت راڄوڻي فيصلا پڻ ٿي چڪا آهن ۽ قانوني طور ڪيس به داخل ٿيل آهي، تنهن باوجود بااثر قبصاگير اڃا تائين گهر خالي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، جنهن سبب متاثر خاندان سخت پريشاني ۽ ذهني اذيت کي منهن ڏئي رهيو آهي۔پريس ڪانفرنس دوران انجمن تاجران پپري جي اڳواڻن غلام مصطفيٰ اعواڻ سان مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو اعلان ڪندي چيو ته پپري جا واپاري برادري ڪنهن به ظلم ۽ ناانصافي تي خاموش نه ويهندي۔ هنن انتظاميا، پوليس ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بااثر قبصاگيرن خلاف فوري ڪارروائي ڪري گهر اصل مالڪ حوالي ڪيو وڃي۔واپاري اڳواڻن خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن قبصاگير ڌر طرفان واپارين يا متاثر خاندان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا يا کين هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پپري ۾ مڪمل هڙتال ڪئي ويندي ۽ احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو۔هنن چيو ته پپري جي واپاري برادري متحد آهي ۽ پنهنجي ساٿي واپاري سان ٿيندڙ زيادتي خلاف هر قانوني ۽ جمهوري فورم تي آواز اٿاريو ويندو، جيسين متاثر خاندان کي انصاف فراهم نٿو ڪيو وڃي پريس ڪانفرنس ۾ همٿ علي چانڊيو، منان شيخ، علي گل منگي، سرفراز جوکيو اختيار علي سومرو ۽ ٻيا موجود هئا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
گجو ويجهو پاڻي ڀرڻ ويندڙ عورت روڊ حادثي ۾ فوت، قومي شاهراهه تي 4 ڪلاڪ ڌرڻو
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جي رڻ واري علائقي ۾ هڪ ٻار برساتي پاڻي ۾ ٻُڏي فوت، ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ اي ڊي سي ون جي صدارت ھيٺ اجلاس
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف پيپلز پارٽي جي ريلي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پپري ۾ واپاري جي گهر تي مبينا قبضي
0 تبصرے