ملير جيل مان فرار ٿيل قيدي 4ڏينهن بعد گرفتار

ملير جيل مان فرار ٿيل قيدي 4ڏينهن بعد گرفتار

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) چار ڏينهن اڳ ملير جيل مان فرار ٿيل قيدي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي۔پوليس موجب فرار ٿيل قيدي طاهر نويد عرف پولڪا کي وفاقي انٽيليجنس، آپريشن پوليس،انويسٽيگيشن پوليس ۽ جيل پوليس جي گڏيل ڪارروائي دوران گرفتار ڪيو ويو۔ذريعن مطابق طاهر نويد عرف پولڪا کي لانڍي اسٽيشن ويجهو گرفتار ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ کيس شاهه لطيف جاچ پوليس اسٽيشن منتقل ڪيو ويو آهي۔پوليس جو چوڻ آهي ته شاهه لطيف جاچ پوليس فرار جي ڪيس ۾ سندس گرفتاري باضابطه طور رڪارڊ ۾ شامل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔