English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ پوليس هٿان مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل آصف خان جي وارثن جو ڌرڻو
218 views
|
12th May 2026
•
سنڌي خبرون
مارجي ويل آصف خان جي وارثن سندس لاش سپر هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو، ٽريفڪ معطل
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ سٽي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل آصف خان نالي شهري جي واقعي بعد علائقي ۾ سخت احتجاج شروع ٿي ويو آهي. وارثن ۽ علائقي واسين الزام هنيو آهي ته مقابلو جعلي هو ۽ آصف کي گهر مان گرفتار ڪري بعد ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس آصف کي ماڻهن جي سامهون گرفتار ڪيو ۽ پوءِ جعلي مقابلي جو ڊرامو رچائي کيس ماريو ويو. واقعي خلاف خلجي ڳوٺ ۾ سوين ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ بعد ۾ لاش سپر هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو ويو.ڌرڻي سبب سپر هاءِ وي مڪمل طور بند ٿي وئي، جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي ۽ مسافرن کي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو.پوليس موجب واقعي کان پوءِ ايس ايڇ او ٿاڻو گڊاپ کي معطل ڪيو ويو آهي، پر وارثن جو چوڻ آهي ته رڳو معطلي ڪافي ناهي. انهن مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري شفاف جاچ ڪئي وڃي ۽ ذميوارن کي گرفتار ڪيو وڃي.واقعي واري هنڌ تي پوليس جي وڏي نفري موجود آهي ۽ صورتحال تاحال ڳنڀير آهي، جڏهن ته ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Jul 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کے نئے ارکان کے پلاٹوں کی قرعہ اندازی اگست کے پہلے ہفتے میں ہوگی، ناصر حسین شاہ
22nd Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
انڈس آر اے ایس ایکسپو 2026: پاکستان کے روشن اور جدید مستقبل کی جانب ایک اہم قدم
21st Jul 2026
•
پاکستان
ہائیڈل برگ یونیورسٹی میں "علامہ اقبال چیئر" کی بحالی آخری مرحلے میں داخل ہو چکی ہے: سفیرپاکستان ثقلین سیدہ
21st Jul 2026
•
سندھ
آزاد کشمیر کے انتخابات میں پیپلز پارٹی بھر پور کامیابی حاصل کرے گی، فاطمہ مجید
22nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شٽربند ھڙتال ۽ پنجھٽي چوڪ تي ڌرڻو
22nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ٻارن کي پوليو ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين کان محفوظ بڻائڻ بابت سيمينار
22nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس پاران شادي جي نالي تي ماڻهن سان فراڊ ڪندڙ ٽولي کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
22nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي نامياري شاعر علي صفدر جي ٻارن جي سهائتا لاءِ گلشن حديد ۾ امدادي ڪيمپ قائم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏاپ پوليس هٿان مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل آصف خان
0 تبصرے