پروفيسر نورالدين شيخ جو تعليم جي ميدان ۾ ڪيل خدمتن کي ڪڏنھن به وساري نٿو سگھجي: مقرر
هڱورجا(رپورٽر) ڊگري ڪاليج ھڱورجا جي پرنسيپال پروفيسر نورالدين شيخ جي رٽائرڊ ٿيڻ تي ڪاليج ۾ الوداعي پارٽي منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ ريجنل ڊائريڪٽر سکر پروفيسر شفيق احمد رند. اڳوڻو تعليمي ماھر سيد علي رضا شاھ جيلاني.سپلاء اڳواڻ ايوب مري.پروفيسر مشتاق احمد پروفيسر ملھار سنڌي. نثار احمد ڄامڙو.نثار احمد ميمڻ پروفيسر امداد سومرو استاد غلام جعفر ٽانوري پروفيسر اشفاق ميمڻ .غلام قاسم خاصخيلي پروفيسر الھوڌايو راڄپر صائما مغل .استاد عبدالرحيم سيال. ضمير حسين سامٽيو سميت اسڪول جي استادن شاگردن معزز شھرين جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي.تقريب کي مقرريون خطاب ڪندي چيو آھي تہ پروفيسر نورالدين شيخ جو تعليم جي ميدان ۾ ڪيل خدمتن کي ڪڏنھن بہ وساري نہ ٿو سگھجي پروفيسر نورالدين شيخ تعليم جي بھتري لاء ھميشا جدوجهد ۾ رڌل ھوندو آھي ھنڱورجا ڊگري ڪاليج جي قيام کان ھن وقت تائين مثالي دادو بڻائڻ ۾ پروفيسر نورالدين شيخ ۽ ان جي ٽيم جو وڏو ڪردار آھي پروفيسر نورالدين شيخ 60 سالن جي سرڪاري نوڪري پوري ڪري رٽائرڊ ٿي ويو آھي پر آن جي محبت تعليم ڪيل خدمت ھميشا لاء ياد رھندي .تقريب کي خطاب ڪندي پروفيسر نورالدين شيخ چيو تہ مون پنھنجي نوڪري دوران تعليم واڌاري ۽ ترقي ڪوششون ڪيون آھن ڊگري ڪاليج ھنڱورجا ۾ ھن وقت ب 600 کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻين داخل آھن ۽ 70 سيڪڙو روزانہ جي اٽينڊس پڻ آھي شروعات ۾ ڪاليج لاء وڏي محنت جدوجهد ڪئي ھن چيو تہ آء ڀلي رٽائرڊ ٿي وڃان پر تعليم سان چانھ زندگي ڀر رھندو . تقريب دوران پروفيسر نورالدين شيخ جي استادن شاگردن شھرين ۽ سپلاء اڳواڻن پاران اجرڪ ٽوپي .پٽڪي . ۽ لنگين جان سوين تحفا پيش ڪيا ويا
0 تبصرے