لانڍي جيل مان قيدي فرار، صوبائي وزير علي حسن زرداري نوٽيس وٺي ڇڏيو، ذميوار آفيسر معطل

لانڍي جيل مان قيدي فرار، صوبائي وزير علي حسن زرداري نوٽيس وٺي ڇڏيو، ذميوار آفيسر معطل

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) لانڍي جيل مان قيدي سيد طاهر عرف نويد پولڪا جي فرار ٿيڻ واري واقعي جو صوبائي وزير جيل خانہ جات علي حسن زرداري سخت نوٽيس وٺندي شفاف جاچ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته جيل کاتي جي ذميوار آفيسرن کي معطل ڪري مٿن مقدمو پڻ داخل ڪيو ويو آهي۔صوبائي وزير علي حسن زرداري چيو آهي ته قيدي سيد طاهر عرف نويد پولڪا آخر لانڍي جيل مان ڪيئن فرار ٿيو، ان بابت مڪمل ۽ غير جانبدار جاچ ڪئي وڃي۔ هن چيو ته واقعي ۾ ملوث يا سنگين غفلت جا مرتڪب آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي ۽ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي۔هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته جاچ جلد مڪمل ڪري تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي ته جيئن ذميوارن کي قانون موجب سزا ڏئي سگهجي۔