English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ کي عورتن ۽ ٻارن لاءِ مقتل گاھ بڻايو ويو آھي: اياز لطيف پليجو
12 views
|
10th May 2026
•
سنڌي خبرون
نوري آباد ۾ جسن لطيف جو جلسو، اياز لطيف پليجو سموريون رڪاوٽون ٽوڙي شريڪ، شاندار آجيان
نوري آباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو سموريون رڪاوٽون ٽوڙي نوري آباد جشن لطيف جلسه عام ۾ شرڪت لاءِ پھچي ويو. نوري آباد پھچڻ تي ھزارين ۽ ڪارڪنن اياز لطيف پليجي جو شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي وڏن پوليس اٽالن اياز لطيف پليجو ۽ ڪارڪنن کي گھيري ۾ آڻي ورتو. اياز لطيف پليجو نوري آباد ھڪ نمبر کان ھزارين ماڻهن ڪارڪنن سان پيادل مارچ ڪري پنج نمبر پھتو، جشن لطيف جو جلسہ عام ڪيو ويو. ان موقعي ھزارين ماڻهن کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ جنرل ضياءالحق جو عوام دشمن، سنڌ دشمن، ملڪ دشمن ۽ جمهوريت دشمن روح زرداري ۽ سنڌ حڪومت ۾ پئجي ويو آهي۔جنرل ضياء جيان زرداري جي پيپلزپارٽي سنڌ حڪومت لطيف جي ڏهاڙي کان ڊڄي ٿي سمورين بدمعاشين ۽ رڪاوٽن جي باوجود ھزارين ماڻهو جلسي ۾ شريڪ آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ لطيف امن، رواداري ۽ انسانيت جو پيغام ڏنو آھي. عورتون لطيف جون سورميون آھن. ڪاروڪاري غيرت جو بيغيرت تصور آھي. پ پ حڪومت سنڌ کي عورتن ۽ ٻارن لاءِ مقتل گاھ بڻائي ڇڏيو آھي. منشيات کي ڪاروبار ڪري ھلائيندڙ عارضي طور پاڻ ۾ وڙھيا آھن. سنڌ جي نوجوانن کي منشيات ۾ مبتلا ڪري ميرٽ، نوڪرين، تعليم ۽ قومي ۽ بنيادي حقن تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن. لطيف ثابت قدم ٿي اڳتي وڌڻ جو پيغام ڏنو آھي. ڪرپشن، دھشتگردي ۽ انتهاپسندي ھڪٻئي سان جڙيل آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ درياھ، زمينون، وسيلا وڪڻي حڪومت خريد ڪندڙ ڪرپٽ حڪمران لطيف جي بيداري واري پيغام کان خوفزده آھن. پيپلز پارٽي جا حڪمران نوجوانن کان خوفزدہ آھن تہ ھي بيداري ٿي انھن جي رستا روڪ ڪندا. ڪرپشن جو ڪارخانو ھلڻ نہ ڏيندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪراچي کان ڪشمور تائين شھر شھر وڃي نوجوانن کي بيدار ڪري رھيو آھيان. سجاڳي جي ھن مھم سان لکين نوجوان جڙي رھيا آھن. جن طاقتن پيپلز پارٽي کي مسلط ڪيو آھي، انھن کي خبر آھي تہ شفاف اليڪشن ٿي تہ ڪرپٽ ٽولي جون ضمانتون ضبط ٿي وينديون.اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ڪري سنڌ کي ڀڙڀانگ ۽ بنجر بڻائي معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي وحدت تي وار لاءِ ٻٽو بلدياتي نظام ڪنھن بہ صورت قبول نه ڪيو ويندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ سميت پاڪستان ۾ ميرٽ، احتساب، امن ۽ برابري چاهيون ٿا. سنڌ ۾ صحت، زراعت، تعليم ۽ گورننس تباھ ٿي وئي آهي. حڪومت مهانگائي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. گذريل 20 سالن ۾ سنڌ ۾ هڪ بہ وڏي صنعت نہ لڳائي وئي آهي. سنڌ مان بيروزگاري جي خاتمي لاءِ ھر ضلعي ۾ انڊسٽريل زون قائم ڪري مقامي ماڻھن کي روزگار ڏنو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي ڪوڙي جمھوريت جي دعويدار آھي، ھي سنڌ ۾ بادشاھت چاھين ٿا۔ جنھن ۾ سنڌي ماڻهو غلام ھجي۔ بيورو ڪريسي ۽ ادارا ھنن جي حڪمن جا محتاج ۽ اشارن تي فقط ھنن جي مرضي وارا ڪم ڪندا رھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان ۾ 8 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھو غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذاري رهيا آهن الميو آھي تہ حڪومتون تبديل ٿين ٿيون پر معاشي پاليسي تبديل نٿي ٿئي، جنھنڪري ھر حڪومت ۾ غربت جي شرح ۾ اضافو ٿيو آھي. موجوده حڪومت جون معاشي پاليسيون پورھيت دشمن، ھاري دشمن ۽ عوام دشمن آھن، ملڪ جي دولت ۽ وسيلن تي ڪرپٽ حڪمران، سرمائيدار ۽ جاگيردار طبقي جو قبضو آھي، ھاري، مزدور، پورھيت بنيادي سھولتن سميت قانوني انساني حقن کان بہ محروم آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ غربت، بيروزگاري ۽ بدحالي انارڪي پيدا ڪندي آھي. موجودہ حڪومت بہ خراب حڪمراني جو تسلسل ثابت ٿي آھي. ڪرپشن سمورن کاتن کي اڏوھي بنجي کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي. صحت، تعليم، امن، روزگار سميت بنيادي سھولتون ناھن. مھانگائي ماڻھن کان 2 وقت جي ماني کسي ورتي آھي. زراعت جي تباھي سبب آبادگار ۽ ھاري بدترين حالتن جو شڪار آھن. لکين نوجوان بيروزگاري جو شڪار آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاق سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آھي. سنڌ حڪومت زراعت، صنعت سميت سنڌ کي تباھ ڪرڻ ۾ ڪا قصر نہ ڇڏي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ کي حقيقي جمھوريت، آئيني بالادستي ۽ برابري سان ترقي ڏياري سگھجي ٿي. اقتدار خريد ڪندڙ حڪمران سوداگر ٿي ڪرپشن جي بازار لڳايو ويٺا آھن. سنڌ ۽ ملڪ جي عوام کي لٽيو پيو وڃي. مھانگائي عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ مفاد پرست حڪمرانن سنڌ کي بدامني لاقانونيت، منشيات، ڏوھن ۽ قبيلائي دھشتگردي، جاگيرداري ۽ سرداري نظام جو مرڪز ٺاھي ڇڏيو آھي. پيپلزپارٽي سنڌ جي ماڻهن کي رڳو پنڻ سيکاريو آهي. جيڪو سنڌين جو ڪيريئر تباھ ڪرڻ جي سازش آهي. سنڌي جيڪي دنيا جا فاتح ھئا جن جا ڳاٽ اوچا ھئا، امن، جدت جا دائي ھئا، انھن سنڌين کي ھٿ ۾ ڪشتو، مايون مرد سڀ ويٺا پنن. بجلي جي ڪنڊي، نوڪري جي بدلي ۾ جهليا پيا آهن. سنڌين لاءِ روزگار ۽ ترقي جا رستا بند ڪيا ويا آهي. سنڌيو توهين مالڪ آهيو، توهين بادشاھ آهيو، توھان هن خزاني جا ڌڻي آهيو، زمين ۾ پوريل خزانا، وسيلا، گئس، پئٽرول، ڪوئلو، پاڻي سڀ توهان جا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪامياب اھي ٿيندا، جن کي شڪستون، نفرتون، دوکا ۽ مھڻا ويھاري نہ سگھن، جيڪي رڪاوٽن مان رستا بڻائي سگھن، جيڪو خطرن ۽ چيلينجن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو سمجھي، لڳاتار ھلندا رھن. اياز لطيف پليجي چيو شاھ لطيف دنيا جو نرالو ۽ عظيم شاعر آهي. شاھہ لطيف جي ڌرتي جو اصل حسن امن، برابري ۽ محبت آهي. لطيف ھڪڙو مفڪر، عاشق، فلاسفر، شاعر آهي دين دنيا جو، ھنن زمانن جو، ھن ڪائنات جو يونيڪ ماڻهو آهي. اھي ڳالھيون ڪري ٿو جيڪي ٻيا نٿا ڳالھيون ڪري سگهن، نٿا سوچي سگھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ شاھ لطيف جا ھيروز مرد نہ عورتون آھن. شاھہ لطيف عورت جي بهادري ۽ سچائيءَ جي ساراھ ڪئي آهي شاھ لطيف جدوجهد، برابري ۽ امن جو پيغام ڏنو آهي. شاھ لطيف اشرافيه نہ پر عوام جو شاعر هو، شاھ لطيف جي پيغام تي عمل ڪرڻ گهرجي. سنڌ کي ڳنڍڻ جي ضرورت آهي، فڪر لطيف ماڻهن کي ڳنڍڻ جو درس ڏي ٿو، اسان کي شاھ لطيف جي پيغام تي عمل ڪرڻو پوندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ڪرپشن، لاقانونيت ، بدامني، ڏوھاري ڪلچر، منشيات، بي روزگاري، ميرٽ جي لتاڙ، وسيلن جي ڦرلٽ تباھ ڪري ڇڏيو آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ جي تباھي جا منصوبو آھي. سنڌ حڪومت چاھي ٿي تہ سنڌ ۾ قبيلائي رتوڇاڻ ھجي، ڏوھاري ۽ پوليس جو راڄ ھجي، لاقانونيت ھجي، جھالت ھجي، عوام يرغمال ھجي، دھشت واري ماحول ۾ ماڻھو خاموش ۽ قيد ھجن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پ پ پ سنڌ حڪومت چاھي ھا تہ سنڌ ۾ قانون ۽ انصاف جي حڪمراني قائم ٿي وڃي ھا پر افسوس آھي جو اقتدار جي 18 سالن ۾ سنڌ سان خطرناڪ حشر ڪيو ويو آھي. پيپلزپارٽي چاھي ٿي سنڌي ماڻهو خوشحال بدران اسان جا غلام ھجن. 7 ڪروڙ سنڌي سنڌ حڪومت ۽پيپلزپارٽي مان اميد ڪرڻ بدران خراب حڪمراني خلاف جدوجھد تيز ڪن. اصل طاقت ھاري، پورھيت ۽ محنت ڪش عوام آھي. سنڌي ماڻھو مصلحتن خاموش ويھڻ ۽ ٻين جي اٿڻ جو انتظار ڪرڻ بدران پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن، ناانصافيون بدراشت نہ ڪيو، حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪيو. حڪمران ڪمزور آھن. عوام جي خاموشي ڪرپٽ حڪمرانن کي طاقتور بنائي ٿي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ بيڊگورننس جي ڪري بحران ۽ مسئلا آھن. ڪرپشن، منشيات وڏو مسئلو آھي، سنڌ حڪومت جا سمورا کاتا ڪرپشن جو مرڪز بنجي ويا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪومت ٻڌائي تہ غريب عوام کي ڪيستائين مھانگائي جي سمنڊ ۾ ٻوڙيندا رھندا. ملڪ جو غريب عوام ھاڻ مھانگائي جو بار نٿو کڻي سگھي. مشڪل حالتن ۾ رليف بدران عوام کي وڌيڪ مھانگائي جي دلدل ۾ اڇلائڻ بند ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ غربت جا ماريل ماڻھو بک ۽ بدحالي کان تنگ اچي معصوم ٻارن سميت خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. الميو آھي جو بي حس حڪمرانن جي ڪن تي جونء بہ نٿي چري. حڪمران پنھنجا شاھي خرچ بند ڪرڻ بدران عوام کي بدترين مھانگائي جي چڪي ۾ پيسي رھيا آھن.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي چاھي ٿي تہ سنڌ جا ماڻھو بيدار نہ ھجن. باشعور نہ ٿين. اھي جاھل وڏيرڪي، سرداري، جاگيرداري ۽ عوام دشمن سرمائيداري نظام جي غلامي ۾ قيد ھجن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جي نااھلي ۽ ناڪامي جي ڪري سنڌ جي آبادگارن ۽ ھارين جو سالانا ڪروڙين ۽ اربين روپين جو نقصان ٿئي ٿو. پاڻي کوٽ جي ڪري فصل سڪي سڙي رهيا آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت کي اھڙو ڪو بہ اختيار ناھي جو سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا وڪڻي. مختلف منصوبن جي نالن ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين وفاق حوالي ڪري. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌي ماڻھن کي پنھنجن حقن لاءِ گھڻ پاسائي جنگ وڙھڻ جي ضرورت آھي. سنڌ جو ھاري، مزدور، استاد، شاگرد، نوجوان، عورت جيستائين پنھنجن حقن لاءِ اٿي کڙو نہ ٿيندو تيستائين پيپلزپارٽي ۽ ڪرپٽ حڪمرانن مان نجات نہ ملندي.اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاقي حڪومت کي سنڌ جي تباھ ٿيل تعليم صحت پاڻي، ڊرينيج، کنڊر روڊ، برباد ڪيل زراعت، بک، بيروزگاري ۽ بدحالي نظر نٿي اچي. سنڌ جي ٽيڪس مان ملڪ ھلي ٿو پر سنڌ جو عوام غربت جي چڪي ۾ پيسجي رھيو آھي. وفاق حڪومت وٽ سنڌ جي خوشحالي لاءِ ڇو پاليسي ناھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمرانن کي سنڌ جو عوام نہ سنڌ جا وسيلا گھرجن. روزانو انھن وسيلن تي قبضن ۽ ڌاڙن جي منصوبابندي ڪئي وڃي ٿي. سنڌ جي مزاحمت جي تاريخ آھي. سنڌي ماڻھو ڌرتي جھڙو مزاج رکن ٿا، اھي ٿڌا آھن تہ ٿڌا آھن، جيڪڏھن گرم ٿيندا ۽ وڄ ٿي اٿندا تہ تخت لوڏي ڇڏيندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جو سمنڊ ايشيا جو گيٽ وي آھي، عالمي سامراجي طاقتون ھن خطي تي قبضي لاءِ سنڌ ۽ پاڪستان کي ٽوڙڻ جي سازش ڪري رھيون آھن. سنڌ جو عوام پنھنجي ڌرتي، پاڻي، زمينن ۽ وسيلن تي قبضي جي سازش برداشت نہ ڪندو ۽ نئون اسرائيل بنجڻ نہ ڏينداسين. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو خطاب ڪندي چيو تہ دنيا جي جن علائقن ۾ صنعتي زون، سامونڊي پٽي ۽ درياء ھوندا آھن اتان جو عوام خوشحال ھوندو آھي پر افسوس سنڌ وٽ نوري آباد ۽ ڪوٽڙي، ڪورنگي، داٻيچي ۾ صنعتي زون، سمنڊ، درياھ، انيڪ قدرتي وسيلا ھجڻ باوجود سنڌي ماڻھو بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن. مظھر راھوجو چيو تہ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڪمائي جو ذريعو بنائي ميرٽ کي قتل ڪيو ويو آھي. ادو ۽ ادي ڪروڙين روپيا ايڊوانس وٺي پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي نوڪريون وڪرو ڪري رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پنجاب ۽ خيبر پختونخواھ جي حڪومتن ۾ انتظامي ۽ ترقياتي منصوبن جو مقابلو آھي ۽ سنڌ ۾ ڪرپشن، ڏوھن، اغوائن، ڦرن ۽ ماڻھن کي فقير بنائڻ جو مقابلو ھلي رھيو آھي. قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن اعجاز سومرو، فرحان لاڙڪ، منان شيخ، سنڌي مزدور تحريڪ جو مرڪزي آرگنائيزر امداد پنھور، لياقت گبول، ذوالفقار گبول، لکانو پالاري، نذير بليدي، فياض اتيرو، مقصود جھتيال ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th May 2026
•
شوبز
کامیاب فلموں کے بعد بھی کردار حاصل کرنے میں مشکلات کا سامنا کرنا پڑا۔کیارا آڈوانی
11th May 2026
•
تازہ ترین
قطر سے پاکستان کے لیے ایل این جی لے کر آنے والا تیسرا جہاز ایران کی خصوصی اجازت کے بعد آبنائے ہرمز میں داخل
11th May 2026
•
تازہ ترین
پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں بڑے اضافے کی بنیادی وجہ کيا ہے؟ سینیٹ کی قائمہ کمیٹی کے اجلاس میں پته چل گيا
11th May 2026
•
تازہ ترین
پنجاب اور سندھ حکومتوں نے اسکولوں میں گرمیوں کی تعطیلات کا اعلان کر دیا
11th May 2026
•
سنڌي خبرون
نئون ديرو: ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ناريءَ سان مبينا جنسي زيادتي، ڪيس داخل، وارثن جو احتجاج
11th May 2026
•
سنڌي خبرون
پيرولاشاري ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿي کڏ ۾ ڪِري پئي، ڊرائيور سميت 2 ڄڻا فوت
11th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو: 6مهينا اڳ مبينا اغوا ٿيل چئن ٻارڙن جي ماءُ بازياب نه ٿي سگهي، مڙس جو ٻارڙن سميت احتجاج
11th May 2026
•
سنڌي خبرون
روهڙي ڀرسان حادثو، عورت کي اغوا ڪري فرار ٿيندڙ 2 ڄڻا فوت، مغوي عورت زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوري آباد
0 تبصرے