English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
حيدرآباد ۾ سنڌي گرلز اسٽوڊنٽس تحريڪ پاران انساني حقن ۽ قانون بابت ٽي روزه ورڪشاپ
views
|
15th Jun 2023
•
سنڌي خبرون
جاگيرداراڻي سماج ۾ عورتن کي پنهنجي حقن بابت ڪا ڄاڻ ئي ناهي، نہ ئي ان کي ڪا ڄاڻ ڏني وڃي ٿي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو) حيدرآباد ۾ سنڌي گرلز اسٽوڊنٽس تحريڪ جو انساني حقن ۽ قانون بابت ايڪول لا ڪاليج حيدرآباد ۾ ٽي روزه ورڪشاپ ٿيو، جنھن ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو، وڪيل ارشاد چنا عورتن جي بنيادي حقن، ڊاڪٽر گلزار جماڻي سماج ۾ نفسياتي مسئلن، ايڊووڪيٽ ساحر پليجو عورتن لاءِ ننڍا ننڍا ڪاروبار، الطاف خاصخيلي، بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ڪردار، ايڊووڪيٽ منور جتوئي سماجي تبديلي ۾ علم ۽ ادب جو ڪردار جي موضوع تي ليڪچر ڏنا. ليڪچر پروگرام ۾ 150 کان وڌيڪ شاگردياڻين شرڪت ڪئي. اياز لطيف پليجي نياڻين جي تعليم تي زور ڏيندي چيو تہ اسين تعليم کانسواءِ ترقي حاصل نٿا ڪري سگھون. بنيادي انساني حق تعليم سان جڙيل آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ جاگيرداراڻي سماج ۾ عورتن کي پنهنجي حقن بابت ڪا ڄاڻ ئي ناهي، نہ ئي ان کي ڪا ڄاڻ ڏني وڃي ٿي، عورت اڄڪلھ جي جديد دور ۾ بہ غلامي واري زندگي گذاري ٿي، سنڌ جي ٻهراڙي توڙي شهرن ۾ عورتن سان اڻ برابري وارو رويو رکيو وڃي ٿو، اسان جي سماج جي بيحسي ايتري آھي جو عورت رڳو گهر ۽ ماني پچائڻ تائين محدود ٿي رهي آهي، عورت جو مقدر ڌڪا کائڻ ناهي. عورتن کي برابري واري حق کانسواء ڪو بہ سماج اڳتي نٿو وڌي سگھي۔ سياست سان گڏ زندگي جي ھر شعبي ۾ جيستائين عورتن جو ڪردار شامل نہ ھوندو ڪاميابيون ممڪن ناھن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ عورتن ۽ شاگردياڻين جي حقيقي درد جو درمان سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي گرلس اسٽونڊٽس تحريڪ آهي، سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي گرلس اسٽونڊٽس تحريڪ کان سواءِ سنڌ ۾ ٻئي ڪھڙي عورت تنظيم يا تحريڪ آهي جيڪا ٻارنهن ئي مھينا رستن تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن لاءِ احتجاج ڪندي آهي، ڪالاباغ ڊيم، مھاجر صوبي، دھشتگردي ۽ ٻين سنڌ ۽ ملڪ دشمن منصوبن خلاف سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻي واري ڪردار سان شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Oct 2025
•
سندھ
ڈی آئی جی ٹریفک پولیس پیر محمد شاہ کی جانب سے معروف اداکار اینکر و کامیڈین کاشف خان کو ٹریفک پولیس کا گڈ ول ایمبیسیڈر کا عہدہ تفویض کیا گیا
20th Oct 2025
•
کھیل
ملک میں کھیلوں کی سرگرمیوں میں اضافے کی ضرورت ہے قرۃ العین خان
20th Oct 2025
•
سندھ
حضرت قطب عالم شاہ بخاری رحمة اللہ علیہ کا مزار کراچی کے معروف مزارات میں سرفہرست ہے کفیل حسین
20th Oct 2025
•
سندھ
کراچی میں سیاسی ہلچل , پیپلز پارٹی اور جماعت اسلامی کے کونسلرز مسلم لیگ (ن) میں شامل
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو جرڳائي وڏيرن خلاف احتجاج
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون واسين جو قبضاگيرن ۽ ڀتي خورن خلاف احتجاج
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ ۾ سماجي تنظيم احساس سوشل فورم پاران مستحقن جي مدد
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ آرا مشين يونين، ٽريڪٽر اونرز ۽ مزدورن طرفان پوليس خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ayaz
Palijo
QAT
0 تبصرے