سيد شفقت شاه شيرازي ۽ رياض شاه شيرازي جي مان ۾ بٺورو جي آجياڻو

فدا حسين شورو پاران ڏنل آجياڻي ۾ مولوي عبدالڪريم شورو، فياض حسين شورو، فراز حسين شورو ۽ ٻيا شريڪ

سيد شفقت شاه شيرازي ۽ رياض شاه شيرازي جي مان ۾ بٺورو جي آجياڻو

ٺٽو(شفيق ڀٽي)مڪلي سوسائٽي ۾ گذريل رات شيرازي خاندان جي سرواڻ سيد شفقت حسين شاه شيرازي ۽ صوبائي وزير سيد رياض حسين شاه شيرازي جي مان ۾ بٺورو جي شورو برادري جي اڳواڻ فدا حسين شورو پاران آجياڻو ڏنو ويو۔ تقريب ۾ شورو برادري جي معززن ۾ مولوي عبدالڪريم شورو، فياض حسين شورو، فراز حسين شورو، حميد علي شورو ۽ حاجي محمد الرحيم فهواد حسين شورو عمران علي شيدي آفتاب ڀٽي شهزور علي ناريجو محبوب علي شورو اشتياق علي شورو عاشق حسين شورو اوشاق علي شورو صغير نظير ولهاري وڏيرو محمد عمر شورو سميت ٻين به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۔ آجياڻي واري تقريب ۾ سيد شفقت حسين شاه، صوبائي وزير سيد رياض حسين شاه، حاجي حنيف ميمڻ، سيد اظهار شاه، سيد فدا حسين شاه ۽ ٻيا مقامي اڳواڻ پڻ موجود هئا۔