انڊس ايسوسيئيشن طرفان آجياڻو ڏنو ويو، تقريب ۾ مختلف سياسي سماجي ۽ ادبي شخصيتن جي شرڪت
لاهور (م ڊ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد زين شاهه جي اعزاز ۾ انڊس ايسوسيئيشن طرفان هڪ استقباليه تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ايس يو پي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري منير احمد نائچ، فتح محمد خاصخيلي، روشن برڙو سميت انڊس ايسوسيئيشن جو صدر انور عزيز چانڊيو، منير گھانگھرو، اشوک ڪمار کتری، سراج قادر شيخ، خالد عباسي ۽ عبدالسمیع ھڪڙو به موجود هئا. ان کان علاوه جي سي يونيورسٽي جي شاگرد سهيل احمد پڻ شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ سيد زين شاهه چيو ته لاهور ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي ثقافت ۽ روايتن کي خوبصورتي سان زنده رکيو پيا اچن ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي امن ۽ محبت واري پيغام کي عام ڪري رهيا آهن. هن انڊس ايسوسيئيشن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته هي تنظيم سنڌ ۽ پنجاب جي اديبن ۽ دانشورن کي هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏ ڪري امن ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏئي رهي آهي. ان موقعي تي انڊس ايسوسيئيشن جي صدر انور عزيز چانڊيو چيو ته سنڌ مان ايندڙ شعور ۽ امن جا پيغام کڻي ايندڙ مهمانن جي ميزباني ڪرڻ انهن لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته تنظيم لاهور ۾ سنڌي ثقافت جي فروغ لاءِ ڪيترائي اهم پروگرام منعقد ڪري چڪي آهي، جن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي دانشورن کي گڏ ڪري زبان، ثقافت ۽ سماجي هم آهنگي کي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪيو وڃي ٿو۔
0 تبصرے