صحافت انساني سماج جي شعور، ڄاڻ ۽ سچائيءَ جي ترسيل جو سڀ کان اهم ذريعو رهي آهي. ان جو بنيادي مقصد عوام کي سياسي، سماجي، ادبي، علمي ۽ معاشي معاملن بابت آگاهه رکڻ آهي. صحافت نه رڳو خبرون پهچائڻ جو عمل آهي، پر اها هڪ ذميواري، مشن ۽ سماجي خدمت پڻ آهي، جنهن جو بنياد سچ، ايمانداري ۽ غيرجانبداري تي بيٺل هوندو آهي. جڏهن به سماج ۾ بي انصافي، ظلم يا بدعنواني وڌي آهي، صحافت پنهنجو ڪردار ادا ڪندي انهن مسئلن کي اجاگر ڪيو آهي.
صحافت جو تصور ڪو نئون ناهي، اهو قديم زماني کان وٺي مختلف صورتن ۾ موجود رهيو آهي. اڳي اهو رڳو لکت، رسالن ۽ اخبارن تائين محدود هو، پر وقت سان گڏ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي هن شعبي کي نيون راهون ڏنيون. اڄ جي دور ۾ صحافت نه صرف پرنٽ ميڊيا تائين محدود رهي آهي، پر اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن ذريعي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پل ۾ خبرون پهچائي رهي آهي. انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جي آمد سان صحافت جي رفتار، اثر ۽ دائرو اڳي کان وڌي چڪو آهي.
صحافت جا اهم مقصد صرف خبر ڏيڻ تائين محدود ناهن، پر ان ۾ عوام کي تعليم ڏيڻ، شعور پيدا ڪرڻ، سماجي براين خلاف آواز اٿارڻ، راءِ عامه کي منظم ڪرڻ ۽ انساني حقن جي حفاظت ڪرڻ پڻ شامل آهي. هڪ ذميوار صحافي معاشري جي اک ۽ ڪن بڻجي ڪم ڪندو آهي. جڏهن ڪو ادارو يا طاقتور ڌر عوامي مفادن جي خلاف ڪم ڪندي آهي، ته صحافت ان کي بي نقاب ڪندي آهي. ان ئي بنياد تي صحافت کي رياست جو "چوٿون ٿنڀو" چيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ تہ اها جمهوريت جي مضبوطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته جديد دور جي سڀني سهولتن باوجود، صحافت کي سخت چيلينجز کي منهن ڏيڻو پوي رهيو آهي. خاص طور تي انهن ملڪن ۾، جتي اظهار جي آزادي مڪمل طور تي يقيني نه آهي، اتي صحافي پنهنجو فرض ادا ڪندي وڏين مشڪلاتن مان گذرن ٿا. انهن کي ڌمڪيون ملن ٿيون، تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي جان پڻ وڃائڻو پوي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ پيڪا ايڪٽ (Prevention of Electronic Crimes Act) جهڙا قانون وڌيڪ بحث جو سبب بڻجن ٿا. نظريي طور تي اهڙا قانون سائبر ڪرائيم کي روڪڻ ۽ آن لائين ڏوهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٺاهيا وڃن ٿا، پر عملي طور تي ڪيترائي ڀيرا انهن جو استعمال اظهار جي آزادي کي محدود ڪرڻ لاءِ به ڪيو ويندو آهي. جڏهن قانونن جي تشريح مبهم هجي يا انهن جو استعمال طاقتور ڌرين جي مفادن لاءِ ڪيو وڃي، تڏهن صحافت جي آزادي خطري ۾ پئجي وڃي ٿي. پيڪا ايڪٽ تحت ڪيترن ئي صحافين، بلاگرز ۽ سماجي ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جنهن سبب صحافتي حلقن ۾ خوف ۽ بي يقيني جي فضا پيدا ٿي آهي. جڏهن صحافي پاڻ کي محفوظ محسوس نه ڪندا، تڏهن هو کلي دل سان سچ لکي يا ٻڌائي نه سگهندا. نتيجي طور، عوام تائين مڪمل ۽ سچي ڄاڻ نه پهچي سگهندي، جيڪا ڪنهن به صحتمند سماج لاءِ نقصانڪار آهي.
اڄ جي دور ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ٻنهي کي مختلف دٻائن کي منهن ڏيڻو پوي رهيو آهي. هڪ طرف قانوني پابنديون آهن، ته ٻي طرف معاشي بحران به آهي. ڪيترائي ميڊيا هائوسز مالي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جنهن سبب ڊائون سائيزنگ ٿي رهي آهي. ڪيترن صحافين کي نوڪريون وڃائڻيون پيون آهن، جڏهن تہ جيڪي ڪم ڪري رهيا آهن، انهن کي وقت سر پگهارون به نٿيون ملن. اهڙي غير يقيني صورتحال ۾ صحافي ڪيئن آزادي سان پنهنجو ڪم ڪري سگهندا؟ ان کان علاوه، "اڻ اعلانيل سينسرشپ" به هڪ وڏو مسئلو بڻجي چڪي آهي. ڪيتريون ئي خبرون يا تجزيا شايع ٿيڻ کان اڳ ئي روڪيا وڃن ٿا، يا انهن ۾ ترميم ڪئي وڃي ٿي. صحافين تي دٻاءُ وڌو وڃي ٿو ته هو مخصوص موضوعن تي ڳالهائڻ کان پاسو ڪن. اهڙي ماحول ۾ صحافت جو بنيادي اصول—سچ ڳالهائڻ متاثر ٿئي ٿو.
هر سال 3 مئي تي صحافت جي آزادي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي، جنهن جو مقصد دنيا کي ياد ڏيارڻ آهي ته آزاد صحافت ڪنهن به جمهوريت لاءِ ڪيتري ضروري آهي. هي ڏينهن انهن صحافين کي به خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي، جن پنهنجي فرض جي ادائگي دوران قربانيون ڏنيون. پر سوال اهو آهي ته ڇا صرف هڪ ڏينهن ملهاڻ سان صحافت جي آزادي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو؟ صحافت جي آزادي صرف صحافين جو مسئلو ناهي، پر اها هر شهري جو بنيادي حق آهي. جيڪڏهن صحافت آزاد نه هوندي، ته عوام کي صحيح معلومات نه ملندي، ۽ بغير معلومات جي ماڻهو صحيح فيصلا نه ڪري سگهندا. اهڙي صورتحال ۾ جمهوريت ڪمزور ٿي ويندي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومتون ۽ لاڳاپيل ادارا اهڙا قانون ٺاهين، جيڪي نه رڳو ڏوهن کي روڪين، پر اظهار جي آزادي کي به تحفظ ڏين. پيڪا ايڪٽ جهڙن قانونن ۾ شفافيت ۽ توازن هجڻ گهرجي، ته جيئن انهن جو غلط استعمال نه ٿي سگهي. ساڳئي وقت، صحافين کي به پنهنجي ذميوارين جو احساس رکڻ گهرجي ۽ پيشه ورانه اصولن تي عمل ڪرڻ گهرجي. سماج جي هر فرد کي به صحافت جي اهميت کي سمجهڻ گهرجي. جڏهن به ڪنهن صحافي سان ناانصافي ٿئي، ته ان خلاف آواز اٿارڻ گهرجي. ڇو ته جيڪڏهن اڄ هڪ صحافي جي زبان بند ڪئي وڃي ٿي، ته سڀاڻي هر عام ماڻهو جي آواز به دٻائي سگهجي ٿي. صحافت صرف هڪ پيشو ناهي، پر هڪ امانت آهي، سچ جي امانت، جيڪا عوام تائين پهچائڻ هر صحافي جو فرض آهي. موجوده حالتن جي باوجود، جيڪي صحافي ڏکين حالتن ۾ به پنهنجو فرض نڀائي رهيا آهن، اهي يقيناً مبارڪباد جا حقدار آهن. صحافت جي آزادي جو عالمي ڏينهن اسان کي اهو سبق ڏئي ٿو ته اسان سڀني کي گڏجي سچ، انصاف ۽ آزادي جي حفاظت لاءِ ڪوشش ڪرڻي پوندي.
0 تبصرے