English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
آپا مريم مجيدي جي ياد ۾ سنڌي ادبي سنگت ملير جو تعزيتي ميڙاڪو
195 views
|
24th May 2026
•
سنڌي خبرون
تعزيتي ميڙاڪي ۾ اديبن، شاعرن، استادن، سماجي ڪارڪنن ۽ ادب سان لاڳاپيل ماڻهن شرڪت ڪئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير طرفان نامياري شاعره، تعليمي ماهر ۽ علمي شخصيت آپا مريم مجيدي جي ياد ۾ هڪ تعزيتي ميڙاڪو عوامي پريس ڪلب ملير ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ اديبن، شاعرن، استادن، سماجي ڪارڪنن ۽ ادب سان لاڳاپيل ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ميڙاڪي ۾ مرحومه مريم مجيدي جي ادبي، علمي، تعليمي ۽ شعري خدمتن کي ڀرپور لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪئي وئي، جڏهن ته سندس وڇوڙي کي سنڌي ادب ۽ تعليمي دنيا لاءِ وڏو نقصان قرار ڏنو ويو۔ سنڌي ادبي سنگت ملير جي سيڪريٽري مجيب سنڌي خطاب ڪندي چيو ته آپا مريم مجيدي نه صرف هڪ بهترين شاعره هئي پر هڪ سچي تعليمي ماهر ۽ سماج سڌارڪ پڻ هئي، جنهن پنهنجي سڄي زندگي علم، ادب ۽ شعور جي واڌاري لاءِ وقف ڪري ڇڏي. هن چيو ته سندس شاعري ۾ عورتن جي حقن، سماجي انصاف، محبت ۽ انسانيت جو سگهارو آواز موجود هو، جيڪو هميشه ياد رکيو ويندو۔اديب ۽ شاعره سلطانه قاضي چيو ته آپا مريم مجيدي پنهنجي لکڻين ذريعي سماج ۾ شعور ۽ سچائي جو پيغام ڏنو، سندس وڇوڙو ادب لاءِ هڪ وڏو خال آهي۔ليکڪا عابده گهانگهرو چيو ته مريم مجيدي جهڙيون شخصيتون صديون ۾ پيدا ٿين ٿيون، سندس ڪم ايندڙ نسلن لاءِ رهنمائي جو ذريعو رهندو۔ شاعره امرتا ڏاھري چيو ته مرحومه نه صرف شاعره هئي پر عورتن لاءِ هڪ آواز هئي، جنهن هميشه حوصلي ۽ همت جو درس ڏنو۔راشد لکمير چيو ته مريم مجيدي جي ادبي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو ۽ هوءَ سنڌي ادب جو روشن باب هئي۔اياز هڪڙو چيو ته سندس شخصيت علم، اخلاق ۽ انسان دوستي جو پيڪر هئي۔غفور شاه تقوي، اصغر باغي، غلام نبي مگسي، رجب ڀنڊ، سڪندر سرواڻ، يونس خاصخيلي ۽ عبدالخالق ڀٽي به خطاب ڪندي چيو ته آپا مريم مجيدي جو علمي ۽ ادبي سفر سنڌي ادب ۾ هڪ روشن مثال طور هميشه زنده رهندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
آپا مريم مجيدي جي ياد ۾
0 تبصرے