ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) بن قاسم پوليس ڪارروائي ڪندي ڪوئلي جي چوري جي هڪ وڏي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي ۽ چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو۔پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ناڪابندي ڪئي وئي هئي، جنهن دوران هڪ ڊمپر کي روڪي ڪارروائي ڪئي وئي۔ گرفتار جوابدار ڊمپر ذريعي ڪوئلو چوري ڪري مختلف علائقن ڏانهن سپلاءِ ڪرڻ وڃي رهيا هئا۔ڪارروائي دوران پوليس چار جوابدارن کي گرفتار ڪيو، جن جي سڃاڻپ جگنو، حبدار علي، رحمت الله ۽ عين الدين طور ٿي آهي۔پوليس موجب جوابدارن جي قبضي مان ڪوئلي سان ڀريل ڊمپر به تحويل ۾ ورتو ويو آهي، جيڪو سپلاءِ لاءِ استعمال ٿي رهيو هو۔پوليس وڌيڪ ٻڌايو آهي ته گرفتار جوابدارن جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جڏهن ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي۔
0 تبصرے